خيرپور(رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اسدالله مهر جو چوٿون ڀيرو هڪ سال مدو وڌائي ڇڏيو. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ اسدالله مهر جو مدو وڌائڻ خلاف ڪي ايم سي ۾ سرجري پروفيسر ڊاڪٽر علي گوهر بوزدار چيف سيڪريٽري سميت سنڌ سرڪار کي ڌر بڻائي انهن ڏانهن ليگل نوٽيس اماڻيو هيو ان جي باوجود اسدالله مهر جو هڪ سال وڌيڪ مدو وڌايو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ اسدالله مهر ڏانهن ليگل نوٽيس اماڻيندي پروفيسر ڊاڪٽر علي گوهر بوزدار موقف اختيار ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ ڪنهن به رٽائرڊ ملازم کي انتظامي عهدن تي مقرر ڪرڻ منع آهي، اسدالله مهر کي ڪي ايم سي جي پرنسپل جي عهدي تي مقرر ڪرڻ يا ان عهدي جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي توهين آهي. هوڏانهن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اسدﷲ مهر کي مسلسل ايڪسٽينشن ملڻ تي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي سينئر پروفيسرن توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن کي به حيرانگي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جن سينئر پروفيسرن جي هوندي مسلسل ايڪسٽينشن ڏيڻ قائدن قانونن ۽ ميرٽ جي لتاڙ قرار ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسدﷲ مهر تي سياسي هائوس خاص مهربان هجڻ سبب کيس مسلسل نوازيو پيو وڃي.