ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڳوٺ احسان الله کوسو جي رهواسي پورهيتن بگن کوسو، ڏاڏو کوسو ،صدر کوسو عورتون ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي ڪريم بخش کوسو ٿاڻي تي احتجاج ڪندي  چيو ته جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار احسان کوسو اسان مٿان تشدد ڪيو، ڪريم بخش کوسو پوليس فرياد نه ورتي، بدمست پوليس اهلڪار خلاف ڪيس داخل ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.