حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سجاول جي ڳوٺ بچل ڪهرائي جي رهواسي رٽائرڊ ماستر عبدالرزاق ڪهرائي زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف پريس ڪلب سامهون ڪفن اوڍي احتجاج ڪيو.  هن چيو ته علائقي جا بااثر ماڻهو روينيو کاتي سان ملي ڀڳت ڪري سندس 12 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن جن خلاف هن ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي درخواستون به ڏنيون آهن پر ڪو به سندس تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مختياڪار رشوت وٺي زمين جا کاتا تبديل ڪري سندن نالي تي ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.