شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شھدادڪوٽ ۾ بھرام جي ڳوٺ ڪنڊي جي رھواسڻ جنت خاتون چانڊيو احتجاج ڪندي چيو ته مڙس اختيار چانڊيو جون 2 شاديون ٿيل آھن، مون کي ان مان 2 ٻار به آھن، مون کي ٻارڙن سميت نه ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي ٿو ڏي نه بيماري مھل ڪو علاج ٿو ڪرائي ٻارڙن سميت ڀائرن وٽ رھندي آھيان، مڙس اختيار چانڊيو ڀائرن جي گھر اچي  تشدد ڪيو، تحفظ فراھم ڪيو.