ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊيءَ مان نينگري مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج، اين سي داخل. خبر موجب ڪرونڊيءَ جي مارواڙي ڪالونيءَ مان 13 سالن جي نوزڪي ڌيء گلو مل مبينا طور  اغوا ٿي وئي. ڄاڻايل نينگريءَ جي والد گلو مل، ماءُ پناهي، ڀاءُ وزير علي احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو  ته اسان جي نياڻيءَ جي عمر 13سال آهي، ان کي عارف ملاح اغوا ڪري کڻي ويو آهي. هنن شڪ ظاهر ڪيو ته نياڻيءَ جو زبردستي مذھب ڪيو ويندو. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايچ او اڪري چودڳيءَ کان مطالبو ڪيو ته سندن مغوي نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.