ڪرمپور ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، اغوا ٿيل 3 ڄڻا بازياب

0
322
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪرمپور (ن پ ا) ڪچي واري علائقي ۾ ڪرمپور ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، اغوا ٿيل 3 ڄڻا بازياب ڪرايا ويا، اغوا ٿيل سونهارو بهلڪاڻي، مزمل ۽ محمد اقبال هوت بلوچ بازياب ٿي ويا، ٽنهي مغوين کي پوليس پاران ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي تھ ٽئي ڄڻا عورتاڻي آواز تي هرکجي گهوٽڪي مان اغوا ٿيا هئا.