ڊي سي مٽياري جو ڪورونا وئڪسين سينٽر جو دورو، بريفنگ

0
245

مٽياري (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه پاران ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ قائم ڪورونا وئڪسين سينٽر جو دورو ڪيو ويو آهي، ان دوران ڊي سي پاران انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊي ايڇ او پاران ڊي سي کي ڪورونا سينٽرن تي ٿيل انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي، ڊي سي مٽياري جو چوڻ آهي ته ضلعي مٽياري ۾ 4 ھزار کان مٿي ماڻهن کي ڪورونا جي وئڪسين ڪئي وئي آهي ۽ ضلعي اندر 3 هزار کان وڌيڪ ڪورونا وئڪسين سينٽرن تي موجود آهي.