ملير جي شرافي ڳوٺ ۾ قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ گروهه سوگهو

0
279

ملير (رپورٽر) ملير جي شرافي ڳوٺ ۾ قبرن جي بيحرمتي ڪندڙ گروهه سوگهو، پوليس طرفان مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پُراڻين قبرن کي مسمار ڪرڻ بعد نيون قبرون ٺاهيندا هئا، شهري شڪايت ڪئي ته هو والد جي قبر تي قرآن خواني لاءِ ويو ته نئين قبر کوٽيل هئي، شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري گروهه کي سوگهو ڪيو، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.