ڪرمپور مان 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب

0
283
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ عارب خان بجاراڻي مان 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان عبدالسبحان بجاراڻي بازياب ٿي ويو، پوليس پاران مغوي کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ۽ علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي کي راڄوڻي طريقي سان بازياب ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف نوجوان جي بازيابي جي اطلاع تي وارثن ۾ خوشي وارو ماحول آهي.