نواب شاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي حڪومت جو حڪم ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو

0
478

نواب شاهه (ن پ ا) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي حڪومت جو حڪم ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو، حڪومت پاران يونيورسٽين کي بند رکڻ جي حڪم نامي کان پوءِ به قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ انتظاميا شاگردن کان فزيڪل امتحان ورتو، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميه حڪومت جي حڪم کي ھوا ۾ اڏائيندي 27 اپريل تي رجسٽرار ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي پروفيسرز ۽ ايف ون ايٽ جي شاگردن کي بائونڊ ڪندي ھاسٽلز ۾ رھڻ جو حڪم ڪيو ۽ سيڪيولر ۾اڄ 29 اپريل ۽ 3 تاريخ مئي تي امتحان ورتو ويندو، ڪنٽرول امتحانات پاران به ٿيندڙ امتحانن جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي جنھن ۾ 11 سبجيڪٽن جا پيپر ورتا ويا جيڪا سڌي سئين قانون جي خلاف ورزي آھي، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪنٽرولر پاران امتحان بابت نڪتل سرڪيولر ۽ رجسٽرار پاران ھاسٽلن ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن کي امتحانن لاءِ بائونڊ ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ٽائيم نيوز کي ملي ويو.