ڪراچي (نمائندن وٽان) دين اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس باوفا ساٿين جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. لاڙڪاڻي ۾ چاليهي جي موقعي تي ضلعي مان 44 ماتمي جلوس برآمد ٿيا ۽ 65 مجلسون برپا ڪيون ويون، عزادارن پاران سينه زني ۽ زنجير زني ڪئي وئي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ چهلم جي موقعي تي جماعت اهلسنت قاسميه درگاهه مشوري شريف طرفان 145 هون سالياني حضرت سيدنا امام حسين عليه اسلام ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جيڪب آباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي نسبت سان 34 ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا.جڏهن ته ماتمي پوليس پاران جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلس واري ھنڌن تي 100 ڪيمرائون نصب ڪيون ويون.سيڪيورٽي لاءِ 1800 پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائي وئي.ٽنڊومحمدخان ۾  مرڪزي امام بارگاهه الحسيني ۾ مرڪزي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، مجلس عزا بعد  ماتمي جلوس برآمد ڪري  زنجيرن ۽  ڇرين جو ماتم ڪيو ويو.  گاجي کهاوڙ جي مرڪزي امام بارگاهه ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي،چهلم جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو.شهدادڪوٽ مٺي، نوابشاهه، ھالاڻي، نئون ڪوٽ، قاضي احمد، سرهاري، سڪرنڊ، ڦل، ڄام صاحب، گلاب لغاري، ڀٽ شاھ، ڏيپلو، ميرواهه گورچاڻي، مورو، سڪرنڊ، ننگرپارڪر، ٽنڊوآدم ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿيا.