مدئجي (ن پ ا ) شڪارپور جِي ضلعي انتظاميا ڳڙهي ياسين تعلقي کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير کي شڪايت ڪئي آهي، وڏو وزير انڪوائري ڪري ايڪشن ضرور کڻندو، ثبوت پارٽي چيئرمين کي به ڏيندس.اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وقتي گورنر آغا سراج دراني مديجي جَي مختلف ڳوٺن ۾ راشن ورهائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته برساتن سبب سنڌ جو عوام تمام گهڻو متاثر ٿيو،انهن کي مدد جي شديد ضرورت آهي،پ پ چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا مان امداد وٺي عوام جي مدد ڪري رهيو آھي.هن چيو 2010 واري مها ٻوڏ دوران به تعلقي ڳڙھي ياسين اندر پنهنجي خاندان سميت ڏينهن رات عوام ۾ امداد ڏني هئي هاڻي به عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته برسات بعد دڪاندارن ۽واپارين هٿرادو مهانگائي ڪئي آھي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ کي خاص ٽيمون جوڙڻ گهرجن، سراج دراني هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته هي وقت اختلاف بدران عوام جي خدمت ڪرڻ جو آھي.