سيوھڻ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي اپيل کي سيوھڻ جي رھواسين پاران مان ڏيڻ  وارو سلسلو جاري آهي،  ان سلسلي ۾ 7 ڏينھن تي سيوھڻ ۾ ھڪ تندور لعل باغ ۾  ٻيو تندور مونوٽيڪنڪل ڪاليج ڀرسان ۽ اڄ ٽيون تندور ايل ايس بچاءُ بند تي به لڳي ويو آهي،  ان بابت سيوھڻ جي مقامي شخصيت ناليواري ڪالم نويس  ۽  اديب محمد خان ابڙو، ٽائيم نيوز رپورٽر ڪوٽڙي شوڪت ميمڻ، صدر پريس ڪلب  ڪوٽڙي ايٽ ڄامشورو ڌڻي بخش باريجو، صدر پريس ڪلب سيوھڻ ڪي ڪي بڙدي سان گڏ سيوھڻ جي لال باغ ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ ماني ۽ دال پنھنجي ھٿن سان ورھائي ۽ پاڻ به ٻوڏ متاثرين سان گڏ ويھي ماني کاڌي، جڏھن ته روزانو مڻن جي حساب سان اٽو پچائي ماني کارائي پئي وڃي ۽ ماني سان گڏ دال  ورھائڻ دوران متاثرين جون قطارون لڳي ويون آٓهن. جڏھن ته ٻئي طرف ماني جون ڇليون ڀري ٽينٽن تائين پھچائي ٻوڏ متاثرين ۾ پڻ ورھائي پئي وڃي. ٻوڏ متاثرن اهڙي قدم کي ساراهيو آهي.