اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف موسم جي خرابي سبب ميانوالي ۽ ٽانڪ دوري لاءِ وڃي نه سگهيو، وزيراعظم جو هيليڪاپٽر موسم جي خرابي سبب ميانوالي کان واپس اسلام آباد پهتو، وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ پهريان ميانوالي ۽ پوءِ ٽانڪ وڃڻو هو، وزيراعظم جي صدارت ۾ نور خان ايئربيس تي برطانيا روانگي کان اڳ ٻوڏ صورتحال جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته تخميني مطابق هن وقت تائين سنڌ جا 23، بلوچستان جا 31، خيبر پختونخوا جا 17 ۽ پنجاب جا 2 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، متاثر ٿيل ضلعن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي ٿيل نقصان، جاني، مالي نقصانن بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف سرنديءَ وارن کي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪمبل، ٻارن جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي دوري تي روانگي کان پهريان نور خان ايئربيس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ثمرقند ۾ ايشيائي ملڪن جي سربراهن کي ٻڌايو ته محدود وسيلن باوجود ٻوڏ صورتحال تي اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، وفاقي فنڊ مان 70 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، 30 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت روڪ امداد جي مد ۾ ڏئي به چڪا آهيون، ٻوڏ نقصانن جي گڏيل سروي ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جو ڪاٿو لڳائي سگهجي، ٻوڏ متاثرن جي بجلي جا بل معاف ڪيا آهن، حڪومت ۽ فوج گڏجي امدادي ڪم ڪري رهي آهي، هن اپيل ڪندي چيو ته سرندي وارا ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪمبل، ٻارن لاءِ خوراڪ فراهم ڪن، ٻارن جي غذا لاءِ جنگي حالتون آهن، شهري هن مشڪل وقت ۾ توهان طرف ڏسي رهيا آهن.