ڪراچي: 10 ڪروڙ جو سون دبئي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا سوگها

0
1034
ڪراچي: 10 ڪروڙ جو سون

ڪراچي(م ڊ) پشاور جي باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان 10 ڪلو گرام سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي

ذريعن موجب ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن پشاور کان دبئي ويندڙ عورت سميت ٻن مسافرن جي قبضي مان 10 ڪلو گرام سون هٿ ڪيو آهي

 ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس جي ترجمان موجب عورت سميت افغانين جي سامان جي تلاشي ورتي وئي، عورت مسافر سهيلا الڪوزئي ۽ مسافر حواد خالدي ٻن بيگن ۾ سون کڻي وڃي رهيا هئا

ترجمان موجب اي ايس ايف موجب اهلڪارن اسڪيننگ دوران سامان کي شڪي قرار ڏنو ۽ تلاشي دوران 9.9 ڪلو سون ۽ زيور هٿ ڪيا ويا

اي ايس ايف ترجمان موجب ضبط ڪيل سون جي ماليت 10 ڪروڙ 76 لک پاڪستاني آهي، جڏهن ته جوابدارن کي شروعاتي جاچ کانپوءِ سون سميت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي