شاهه جا پارکو

0
165
ڪاڄ ڪرڻ ھڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي!

    شاهه جي ڪلام، پيغام ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي، فقط اهڙن عالمن کي لکڻ گھرجي، جيڪي باصلاحيت، باڪردار ۽ باوقار قلمڪار هجن. جڏهن شاھ جي عظمت تي قلم کڻجي ٿو، تڏهن انصاف ۽ انسانيت جو علمبردار هجڻ پهريون شرط آهي. اگر ڪو قلمڪار ڪتاب لکڻ جي لاءِ، شاھ جا پارکو ڳولي ٿو، ان ڳولا ۽ جستجوءَ جي جهان ۾، پنهنجي پسند ۽ ناپسند کي ترجيح ڏئي ٿو، ته اهو قلمڪار تاريخ جي عظيم گنهگارن مان هڪ آهي. توهان شاھ جي قلمي نسخن تي قلم کڻو، انهن ۾ تمر فقير جي لکيل قلمي نسخي کي نظرانداز ڪري وڃو، توهان جو قلمي پورهئو ئي ڪنهن ڪم جو ڪونهي. توهان شاھ جي پارکن تي ڪو ڪتاب لکو، ان مان ڪلياڻ آڏواڻي کي ڪڍي وڃو، توهان جو لکيل ڪتاب ئي ڪُوڙو ٿي ويندو. توهان شاھ جي شارحن جي تاريخ ترتيب ڏيو، ان ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب کي شامل ئي نه ڪريو، توهان جي تحقيق ئي سُواليه بنجي ويندي. توهان شاھ جي ترجمه نگارن جي تاريخ تي تحقيق ڪريو، انهن ۾ شيخ اياز کي شامل ئي نه ڪريو، ته توهان جون سگھاريون انسائيڪلو پيڊيائون دم ٽوڙي وينديون.

هن وقت شاھ جي پارکن جي تاريخ ۾، اهڙا سوين سوال اڀري رهيا آهن، جن جو جواب تاريخ کي ڏيڻو آهي. تحقيق اهڙي تحرير کي چئبو آهي، جيڪا سچ جي ڳولا ۽ جستجو ۾، روز روشن وانگر چٽي ڏسڻ ۾ اچي. ڪو قلمڪار ڪنهن شهر جي ڪُنڊ ۾ ويهي، قلم جي نوڪ سان ناڪاره ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪري، وري انهن مجهول ماخذن کي اسان جا عظيم اشاعتي ادارا شاندار نموني سان شايع ڪن، ته انهيءَ کان مٿي بدقسمتيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالھه ٿي سگھي ٿي؟ انهن عالمن جي پيرن جا ڦلوڪڻا اڃا تائين ناهن سُڪا، جن شاھ جي پنڌن ۽ پيچرن تي پيدل هلي، ڪيترائي شاهڪار شاھ جا رسالا ڏنا، پر انهن جي تابناڪ تاريخ کي مٽائڻ ۽ مسخ ڪرڻ جي هٿ وٺي ڪوشش ڪئي وئي. اعتبار نه اچي، ته “انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا” جو جلد ڏهون ۽ ڪتاب “شاھ جا پارکو” پڙهي ڏسو. انهن ۾ ڪٿي آهي شاھ جي رسالي جي سرائيڪي منظوم ترجمي جو احوال؟ انهن ۾ ڪٿي آهي ڍاٽڪي منظوم ترجمي واري شاھ جي رسالي جو احوال؟ انهن ۾ ڪٿي آهي تاريخ جي آخري لکيل شاھ جي رنگين قلمي نسخي جو احوال؟ انهن ۾ ڪٿي آهي سٽ وار سمجھاڻيءَ سان لکيل شرح جو احوال؟ انهن ۾ ڪٿي آهي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نثر ۾ لکيل شاھ جي رسالي جو احوال؟ انهن ۾ ڪٿي آهي کيسي ۾ رکڻ جيڏي ننڍڙي حمائل سائيز شاھ جي رسالي جي پهرئين، توڙي ٻئي ڇاپي جو احوال؟ وري اهڙي عمل جو افسوسناڪ پهلو اهو به آهي، جو اهڙا ماخذ اسان جي عظيم ادارن مان شايع ٿي وڃن ٿا ۽ لکندڙ پڇاڻي کان به بچي وڃن ٿا.

هن وقت شاھ تي ڪم ڪندڙ، فقط ان ماڻهوءَ کي مهان محقق سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو محلن ۾ ويٺو آهي ۽ اپر ڪلاس جو ماڻهو آهي. شاھ تي ڪم ڪندڙ ان ماڻهوءَ کي اديب ئي نٿو سمجھيو وڃي، جيڪو مڊل، لوئر يا ورڪر ڪلاس جو ماڻهو آهي. اپر ڪلاس جو ماڻهو شاھ جي تاريخ بگاڙي رهيو آهي. پڙهندڙن ڏانهن غلط پيغام پهچائي رهيو آهي. شاھ، محلن ۾ ويٺل ماڻهن ۽ ادارن ۾ ويٺل چند متڪبر ماڻهن جو ناهي. ادارن کي گھرجي ته اهڙن محققن کان جواب طلبي ڪن. شاھ صرف ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر وارن جو ڪونهي. شاھ اسان سڀني جو آهي. شاھ هالا، مٽياري، ميرپورخاص، خيرپور، دادو، سانگھڙ، شهدادپور، کپري، کنڀري، چوٽياري، سريواري، واگھيين، اڇڙي ٿر، امراڻي، مهراڻي، لڊاڻي، ڀالوا، ننگرپارڪر، ڪڇ، ڀڄ، راجسٿان، ملتان، جيسلمير، ٻاهڙمير، بيڪانير، مٺي، بدين، ٺٽي ۽ ٻين هزارين ماڳ مڪانن سان گڏوگڏ، سموري سنڌ ۽ عالم انسانيت جو علمبردار به آهي.

 “سائِين! سَدائِين، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،

 دوستَ! تُون دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.”

شاھ ڌنارن، پنهوارن، پهيئڙن، جھانگيئڙن، سانگيئڙن، ڪُڙمين، ڪاسبين، ڪورين، هارين، مزدورن، لوهارن، سامين، ڪاپڙين، جبروتي جوڳين ۽ انگ ڀڀوت آديسين جو به امين آهي. جنهن شيدائي شاھ تي هڪڙي سٽ لکي آهي، اهو به اوترو ئي قابلِ احترام آهي، جيترو ڏھ جلد لکڻ وارو آهي. اڄ ڪلھه شاھ جي پارکن بابت، زور شور سان درٻاري تاريخون تحرير ڪيون پيون وڃن. شاھ جي پارکن کي محدود ڪري، مٺ ۾ مروڙي، چالاڪيءَ سان چپٽيءَ ۾ ڏيکاريو پيو وڃي. اهو ياد رکيو وڃي، ته اهي اديب دنيا جا عظيم ترين انسان ٿيا، جن جي ڪتابن تي پابنديون لڳايون ويون. جن جو نالو لکڻ ۽ وٺڻ ڪالھه گناھ سمجھيو ويندو هو.

ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا پيجارن تي چڙهي ڪونه پسبا. ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا پيدل هلي پسبا. “ھَلِي پُنهون پَسُ، سِرَ ڀَرِ رِڙهِي سَسُئِي!” هن وقت اسان جا ادارا اهڙن پيدل اسڪالرن، عالمن، اديبن ۽ محققن جي همت افزائي ته رهي پري جي ڳالھه، نظرانداز ته اڃا ٻي ڳالھه، پر مورڳو انهن جا تختا ڪڍي رهيا آهن. ياد رکڻ گھرجي ته شاھ جي پارکن جي تاريخ کي، رڳو درٻاري قلمڪارن جي رحم و ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي. اهڙن قلمڪارن جي ڪري، اسان جا عظيم علمي ادبي ادارا، پنهنجي وُقعت ۽ وُسعت وڃائي رهيا آهن. اسان کي اهڙن قلمڪارن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي. انهن جي خلاف برجستو ۽ سگھارو آواز اٿارڻو پوندو.

“اُنهين يي ضِد هَئي ڪِه، چَمَنَ پي مُسلط رَهيگِي خِزان،

 هَمين يي جُنون هَئي ڪِه، بَهارَ لا ڪي ڇوڙين گي.”

 [email protected]