ڪراچي ۾ 30 لک ماڻهو منشيات جا عادي بڻيل آهن: عبدالرشيد

0
132
ڪراچي ۾ 30 لک ماڻهو منشيات جا عادي
ڪراچي ۾ 30 لک ماڻهو منشيات جا عادي بڻيل آهن: عبدالرشيد

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ ميمبر عبدالرشيد ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو
ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽس موجب دنيا ۾ نيويارڪ کانپوءِ ڪراچي دنيا جو ٻيو وڏو شهر آهي جتي سڀ کان وڌيڪ منشيات استعمال ٿي رهي آهي
هن چيو ته نيويارڪ ۾ سال ۾ 77 ٽن ڊرگس استعمال ٿيندي آهي ۽ ڪراچي ۾ سال اندر 42 ٽن منشيات استعمال ڪئي ويندي آهي
ايم پي اي عبدالرشيد چيو ته شيري جناح ڪالوني، ڪياماڙي، لياري، چنيسر ڳوٺ، قائد آباد، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ منشيات جا حب آهن، جتان منشيات مختلف هنڌن تي پهچائي ويندي آهي
هن چيو ته سموري پاڪستان ۾ 67 لک ماڻهو منشيات جا عادي آهن، رڳو 30 لک کان وڌيڪ شهري ڪراچي ۾ منشيات استعمال ڪن ٿا
هن سازش تحت تعليمي ادارن اندر نوجوانن کي حدف بڻايو پيو وڃي، 62 مڻ هيروئن، 547 مڻ چرس، ٽنن جي حساب سان سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ منشيات وڪرو ۽ استعمال ٿئي ٿي
عبدالرشيد ٻڌايو ته لياري ۾ عام دڪانن تي منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، منشيات جي روڪٿام جي دعويٰ ڪندڙ ادارا ڪجهه به نه پيا ڪن
صوبائي وزير مڪيش ڪمار جواب ڏنو ته منشيات هڪ گندو مرض آهي ان جي روڪٿام جاري آهي

هن کي به پڙهندا

https://thetimenews.tv/%d9%85%d9%88%d9%86-%da%a9%d8%a7%d9%86-%da%aa%d9%86%d9%87%d9%86-%d9%be%d9%8f%da%87%d9%88-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d8%8c-%da%86%d8%a6%d9%86-%d8%b3%d8%a7%d9%84%d9%86-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d8%b2%d9%8a%d8%a7%d8%af/

ڪراچي: پينشن فنڊ ۾ اربين روپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف