ترڪيه ۾ پيرسن شخص عمري لاءِ گڏ ڪيل رقم زلزلي متاثرن کي عطيو ڪري ڇڏي

0
719

ترڪيه جي 74 سالن جي شهري مهمت ڪاڪرهان عمري جي ادائگي لاءِ گڏ ڪيل رقم زلزلي متاثرن لاءِ عطيو ڪئي

پرڏيهي ميڊيا تي مهمت جي هڪ وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ بزرگ شخص کي ترڪيه ۾ زلزلي متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ رقم عطيو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پيرسن رقم عطيو ڪرڻ وقت زلزلي متاثرن جي اهنج ڏسي لڙڪ به لاڙي رهيو آهي

Turkey's Trust in Government Has Turned to Dust - The Atlantic

ميڊيا رپورٽن موجب شهري کي هن سال رقم کڻي عمري تي وڃڻو هو پر هن زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ ڪيل اپيل تي رقم عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

ترڪيه ۽ شام ۾ 6 فيبروري تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا

هي به پڙهندا

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جوانگ 28 هزار کان وڌي ويو