آءِ ايم ايف قسط جاري ڪندو ته دنيا پاڪستان تي ڀروسو ڪندي: ناصر شاهه

0
247

سکر: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان عمران خان طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو نتيجو آهي

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي وئي آهي، غريب پريشان آهي پر اميد رکو ته سڀ بهتر ٿي ويندو

هن چيو ته آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃي ورتا آهن، جڏهن آءِ ايم ايف قسط جاري ڪندو ته ٻي دنيا به پاڪستان تي ڀروسو ڪندي

هن چيو ته عمران خان هڪ پاسي چئي رهيو آهي ته مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان، ٻئي پاسي هو ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، انتشار خان چاهي ٿو ته غريب ماڻهو گرفتاريون پيش ڪن

هي به پڙهندا

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف عوام سراپا احتجاج