پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف عوام سراپا احتجاج

0
125
پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ

ڪراچي (نمائندن وٽان) پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف عوامي احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، ڪوٽڙي ۾ عورتون به رستن تي نڪري آيون، هٿن ۾ بئنر کڻي مهانگائي خلاف نعرا هنيا ويا

 لاڙڪاڻي ۾ شاگردن طرفان تعليمي سرگرميون معطل ڪري ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، روڊ بلاڪ ٿين تي شاگردن ۽ شهرين ۾ منهن ماري ٿي، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ فارما ليگ طرفان  مهانگائي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، ڪشمور ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن طرفان ريلي بعد نادرا چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو

ڪاڇي جي شهر ڇني ۾ مهانگائي کان بيزار شهري رستن تي نڪري آيا، لاڙڪاڻي ۾ معذورن طرفان ويل چيئر تي احتجاج، مٽياري، ڪنڌڪوٽ، قاضي احمد، ٺارو شاهه، سڪرنڊ، عادلپور ۽ ٻين شهرن ۾ به شهرين جا مظاهرا ڪيا پيا وڃن

شهرين ۽ شاگردن طرفان پيٽرول جا وڌايل اگهه واپس وٺي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،عوام تي مهانگائي جي ڇِپ ڪرائڻ بدران حڪمرانن جا شاهي خرچ گهٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ تي بحث دوران مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد

مهانگائي جي خاتمي لاءِ آبادي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي: خورشيد شاهه