قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ تي بحث دوران مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد

0
206

قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ تي بحث دوران مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد، متحده جي ايم اين اي صلاح الدين چيو ته شڪر آهي بجيٽ جي بهاني ناڻي جو وزير ايوان ۾ نظر آيو، اسان کان ته وسري ويو هو ناڻي جو وزير ڪير آهي، متحده حڪومت جو ساٿ اِن ڪري ڏنو ته ملڪ ڏيوالي کان بچي وڃي

ڪامل علي آغا چيو ته ملڪ ۾ ايڏي ته مهانگائي آهي جو انسانن سان گڏ پکين ۽ جانورن جو به جياپو ڏُکيو ٿي ويو آهي، پرويز الاهي جي آڊيو ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ليڪ ڪئي وئي آهي، اُن آڊيو ۾ ته ڪجهه به ناهي، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ماڊل ٽائون جهڙو سانحو ٿي سگهي ٿو

ايم اين اي افضل ڍانڊا چيو ته هاڻي هر نئين ناڻي جي وزير کان خوف ٿيندو آهي، اهڙي خزاني ۽ انصاف جو ڪهڙو فائدو جو غريبن جا مسئلا حل نه ٿين، ڪڏهن ڪنهن جج غريب عوام لاءِ نوٽيس ورتو آهي، وزير ۽ اشرافيا لکين روپين جو پيٽرول استعمال ڪندا آهن، غريبن جو جياپو ڏکيو ٿي ويو آهي

Pakistan did not breach IMF's condition by slashing petrol price: Aisha Ghaus Pasha | Arab News PK

ٻئي پاسي ناڻي بابت مملڪتي وزيرعائشه غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي شق 4 ۾ واضح آهي ته ٽئڪس وڌائڻ جو معاهدو ڪنهن ڪيو؟ اسان کي حڪومت ملي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ٿي چڪو هو

هن جو چوڻ هو ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ مجبوريءَ ۾ ڏُکيا فيصلا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه دڳ ناهي،  وزيراعظم ڪفايت شعاري ڪميٽي جوڙي آهي، جلد ڪفايت شعاري پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو، وزيرن ۽ صلاحڪارن پگهارون وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي

حڪومتي خرچن کي اڃا به گهٽايو ويندو، صوبن سان گڏجي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ نوان قدم کنيا ويندا، بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو بار غريب واهپيدارن تي نه پوندو، ٽئڪسز ۾ واڌ جو اثر رعايتون وٺندڙ طبقي تي پوندو، اپوزيشن اچِي ميثاق معيشت تي ڳالهائي، ملڪ ۾ استحڪام لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ ويهڻو پوندو

هي به پڙهندا

سينيٽ مني بجيٽ جي رپورٽ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان پيش ڪيل سفارشون منظور ڪري ورتيون