پرائويٽ اسڪولن جا “ريڪي” جا شڪار ٻار

0
191
پرائويٽ اسڪولن جا “ريڪي” جا شڪار ٻار

  “ريڪيز ” هڪ اهڙو گهڻ معنائي Multi Meaning لفظ آهي جنهن جي معنيٰ کان هڪ بهترين(پڙهائيندڙ) استاد بخوبي واقف هوندو آهي.ان کي گهڻو ڪري ٽارچر جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.ريڪيز جا گهڻا معاملا به پرائيويٽ اسڪولن سان جُڙيل آهن. ته ڪيئن نه ڪي شرارتي ٻار، نا سمجھه ٽيچر، اسڪول جو ماحول (بشمول اسڪول اسٽاف جي) ڪنهن جسماني نُقص، عيب يا ڪمزوري ۾ ورتل هڪ ڊڄڻي ٻار کي وڌيڪ ڊيڄاريندا ۽ پريشان ڪندا رهندا آهن(ذهني طور ايذاءُ رسائيندا آهن) ڪڏهن مذاق ڪري،ڪڏهن مٿس کِل ڀوڳ ڪري ته ڪڏهن ڪنهن هڪ ڪمزوري(جنهن سان ان کي چِڙ ايندي هوندي) تي وار ڪري اُن کي ستائيندا رهندا آهن،  ايستائين جو اهو ٻار يا ته اسڪول ئي ڇڏي ويندو آهي يا بيوس بڻجي  احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي اهڙو ڍِلو ٿي ويندو آهي جو سندس اسڪول ۾ ڪارڪردگي سدائين ٻُڙي رهندي آهي.

                 اسان جهڙن پُٺتي پيل سماجن جو بنيادي مسئلو ئي اهو آهي جو هتي ڪڏهن نه ته تعليم جي افاديت کي سمجهيو ويو آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن ٻار جي اهڙي ڪمزوري جو لحاظ رکيو ويو آهي!. تعليم جو اصل مقصد ۽ ڪارج ڇا آهي ايڏانهن ته ڀُلجي به ڪنهن جي سوچ ناهي وئي.هن وقت تعليم سميت ملڪ جا سڀ ادارا ڪارين رڍن جي والار هيٺ آهن مگر گهڻي ويڌن تعليم سان آهي (اها به پرائيويٽ تعليمي سيڪٽر سان.)

هتي هڪ پرائويٽ اسڪول جي انتظاميه کان ننڍي عمر جي ماستر ۽ ٽين ايجر ماسترياڻين تائين سڀني جا ڪم پورا آهن.

دنيا جي سمورن ملڪن جي ترقيءَ جو سبب اعليٰ اخلاق سان گڏ اعليٰ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏانهن توجھه آهي. مگر پاڻ وٽ اسڪولن (خاص طور پرائيويٽ اسڪولن ۾) اسٽاف سان گڏ انتظاميه پڻ اهڙين ڳالهين کان عاري هوندي آهي ته ٻارن کي ڪا چڱي تعليم ڏجي،  انهن کي ڪجھه سيکارجي، انهن ۾ مقابلي ۽ چِٽا ڀيٽي وارو جذبو پيدا ڪجي، انهن کي پڙهائي تي هيرائجي. مگر اهڙن ڪمن سان پرائيويٽ اسڪول انتظاميه جو ڪو به ڏيڻ وٺڻ ناهي هوندو!، پرائيويٽ اسڪولن تعليم کي تعليم نه پر “شاپنگ سينٽرز”۾ بدلائي ڇڏيو آهي جتي هر ٻار(شاگرد) جو ڪنهن Product وانگي مُلھه مقرر ٿيل آهي..

پرائيويٽ اسڪولن جي منتظمين مان گهڻن کي اِها ڄاڻ ئي ناهي ته ٻار جي شروعاتي (Initially)تعليم ڪهڙي طريقي سان ڪئي ويندي آهي، ٻار کي ڇا سمجهائڻو آهي، ٻار جي ذهني تربيت جو اسڪول انتظاميه وٽ ڪهڙو پئمانو هجڻ کپي، يعني ٻار جي (لَرننگ پاور) سِلو، ميڊيم يا فاسٽ آهي؟.ڪهڙيون نصابي، هم نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون ڪرايون وڃن ۽ ان کان ڪهڙي موٽ Response جي توقع رکجي وغيره وغيره(اها ته ڪيلڪيوليشن ئي ناهي). هتي(پاڻ وٽ) تعليمي ادارن ۾اهڙي ڪنهن به شيءَ ڏانهن ڌيان ناهي هوندو جيڪا ضروري هجي. ڏيئي وٺي اسڪول انتظاميه شاگردن کي (انهن جي ئي پئسن مان) سال ۾ بس هڪ ڀيرو ڪنهن پراڻي جاءِ جي ٽِرپ ڪرائي پنهنجو قرض ۽ فرض لاهي ڇڏيندي آهي. ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي اهڙن ماڳن جون سوين تصويرون رکي لکيو ويندو آهي ته فلاڻي فلاڻي جاءِ تي گهمندي.

 جڏهن تعليم کي فقط بزنس سمجهي ڪاروبار جي خيال سان نالي ماتر اسڪول کوليا ويندا ۽ اُن اسڪول ۾ وري ريل جي گاڏن وانگي  اي، بي، سي، اڪانومي ۽ بزنيس ڪلاسن وانگر جڳاڙي ڪلاس هلايا ويندا ته اهڙا نمائشي تعليمي ادارا فقط بي لاڀ بلڊنگن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهھ به نه هوندا. يقينن اُتي پٽيوالي کان پرنسپال تائين سڀ ڪاروباري ذهن رکندڙ فرد هوندا نڪي تعليمي ماهر.

اهڙن ادارن جا بنياد ئي“ڀيد ڀاءُ” تي رکيل هوندا آهن، يعني پئسا ڦينڪ تماشا ديک.  وڏيرن ۽ ڪامورن جا ٻار ته وڏين گاڏين ۾ اسڪول ايندا ۽ ويندا مگر مسڪينن جا ٻار رَڪشائن، سائيڪلن يا پنڌ اچڻ تي مجبور هوندا آهن.  اهڙي طرح وڏ گهراڻن جا ٻار پرنسپال جي آفيس ۾ پرنسپال جي سِيٽ تي“ميوزڪ چيئر گيم” به کيڏندي نظر ايندا ۽ عام هاري ۽ مزدورن جا ٻار ڀڳل بئنچن يا ڪُرسين تي وات پَٽي ويٺل نظر ايندا. اميرن جي ٻارن وٽ خوبصورت ۽ صاف سٿرا يونيفارم، بئگس، لنچ باڪس وغيره هوندا ۽ مسڪين کي ته اسڪول شُوز به پيرن ۾ نه هوندا، ڊالڊا گيھه جي ڪارٽنز(دَٻن) کي ٿيلها ٺاهي ان ۾ ڪتاب ۽ ڪاپيون کڻي اسڪول ايندا(نتيجي ۾ امير ٻارن جي طنزيه جملن جا ته ضرور نشانا ٿيندا). اسيمبلي مهل بي حيثيت ماڻهن جا ٻار اسيمبلي کان ٻاهر(يونيفارم يا اسڪول شُوز نه هئڻ جي سزا طور) لٺيون پيا کائيندا ۽ ۽ دولتمندن جا ٻار کيڏندي ڪُڏندي ڪلاسن ۾ هليا ويندا، مِڊ ٽرم ٽيسٽن توڙي سالياني امتحان ۾ به مسڪينن جا ذهين ٻار پوئتي ۽ اميرن جا جَڏا ٻار به پهرين پوزيشنن  ۾ ايندا. (پوءِ پرنسپال ۽ استادن کي اميرن طرفان پيون مٺايون ملنديون.)۽ مسڪينن جي ٻارن جي پئي ريڪي(ذِلت) ٿيندي رهندي.

مٿي ذڪر ڪيل سڀ الميا صرف اسان جهڙن ذهني ڏيوالو نڪتل سماجن ۾ ئي ٿيندا آهن باقي نه ته ترقي يافته دنيا ۾هر ٻار جي اهڙي اخلاقي تربيت ڪئي ويندي جو هر ٻارپنهنجي اسڪول جي ٻئي ٻار کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندو آهي. هوشيار ٻارن کي جَڏن ٻارن جي اهڙي طرح سان مدد ڪرڻ جي سِکيا ڏني ويندي آهي جو جَڏو ٻار اسڪول ۾ پاڻ کي سڀني کان ڀَڙ ۽ هوشيار سمجهڻ لڳندو آهي.مقصد ته انهن اسڪولن جو خاص لوگو/موٽو ئي اهو هوندو آهي ته “ڪوبه ٻار جڏو ناهي هوندو”. ان کان پوءِ رنگ، نسل، جسماني عيب يا نقص وارن ٻارن کي خاص ٻارن جو درجو مليل هوندو آهي جنهن سان انهن ۾ اعتماد بحال رهندو آهي ۽ اُهي معاشري جا ڪارآمد فرد بڻجي پوندا آهن. اسيبملي ۽ ڪلاس روم کان اسڪول جي ڪينٽين ۽ راند جي ميدان تائين ڪنهن به ٻار سا ڪير “ريڪي” ڪرڻ جي ڪوتاهي ناهي ڪندو. انهن سان ڪنهن به قسم جو تفاوت وارو سلوڪ رکڻ جي ڪنهن ۾ جرئت توڙي عادت ناهي هوندي.

ڪنهن به اسڪول ۾ اهڙو ماحول تڏهن جُڙندو آهي جڏهن اسڪول جو استاد/يا خودانتظاميه پاڻ اهڙن خداداد صلاحيتن سان آراسته هجي. ڪلاس روم ۾ استاد ٻار جو رول ماڊل هوندو آهي، ٻار کي هڪڙي استاد سان وڏيون اميدون وابسطا هونديون آهن، اهو هڪ استاد ئي جج ڪندو آهي ته ڪلاس جي پوئين بينچ تي ويٺل شاگرد کان استاد جي ٽيبل جي سامهون ويٺل شاگرد تائين سڀني سان ڪهڙي طريقي سان مخاطب ٿيڻو آهي، ڪهڙي طريقي جو ورتاءُ ڪرڻو آهي، کين ڪيئن  هينڊل ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان (سڀني ۾) يڪسان دلچسپي پيدا ڪري ڪلاس روم کي ڪلاس روم بنائڻو آهي. ڪلاس به هڪ رياست جي مثال آهي جنهن ۾ استاد جو ڪردار هڪ عادل بادشاھه وارو هوندو آهي. مگر قطع نظر ان جي پرائيويٽ اسڪولن ۾  اسانجي اڌ اکري ڪاپي پاس ماسترن يا ماسترياڻين کي وڏيري ۽ ڪاموري جي پُٽ کي پنهنجي ڀرسان ويهاري ساڻس دوستي وڌائڻي آهي ۽ فقط انهن تي توجھه ڏيڻي آهي.انهن جي والدين کان (سندن ۽ سندن ٻارن جي سنهي ڪري) مالي فائدا حاصل ڪرڻا آهن. (ڇا ڪاڻ ته ٻڌي ڇوڙيءَ ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪنهن هاري ۽ مزدور جو پُٽ ته ڪم ڪونه ايندو، ڪم ته اهڙي انتظاميه جي پوءِ به هڪ وڏيرو يا ڪامورو ئي ايندو (جنهن جا  ٻار سندس اداري ۾ پڙهندا هوندا.) مسڪينن ۽ ظاهري طرح ڪوجهن ٻارن جي “ريڪي” نه صرف پاڻ ڪرڻي آهي مگر ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين کان به ڪرائڻي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مومنه ناريجو جهڙين معصوم ٻارن کي موت (خودڪشي) کانسواءِ ٻي ڪا راھه ناهي سُجهندي. ضمير جي عدالت جا مجرم اهڙا استاد/توڙي ادارا نه معافي جي قابل آهن ۽ نه ئي رحم جي قابل.