اڌ ڪُٺل ماڻهن جا ڀٽڪيل روح ڪٿي آهن؟

0
167
اڌ ڪُٺل ماڻهن جا ڀٽڪيل روح ڪٿي آهن؟

 ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن جو هڪ ڀٽڪيل روح کان جيئڻ جو حق مڪمل طور تي کسيو ويو آهي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هُو ڪنهن به فرد سان کليل لهجي ۾ مخاطب نه ٿو ٿي سگهي. ڪنهن به اهل دل ۽ اهل ذوق فردن سان دنيا جي ڪنهن به موضوع تي خيال آرائي نه ٿو ڪري سگهي. ڪنهن سان پيار، محبت، سڪ، ڇڪ، وڇوڙي ۽ اڻ ڏٺي خوف تي نه ٿو ڳالهائي سگهي. جيڪو خوف دنيا جي تقريبن اڌ آبادي کان وڌيڪ ماڻهن کي هر روز ڪنهن نه ڪنهن نئين شڪل ۽ صورت ۾ ڳڙڪائي رهيو آهي. اهو ڀٽڪيل روح ڪتاب جا صفحا اٿلائي پُٿلائي ڇڙوڇڙ ٿيل اکرن تائين پهچي ٿو. تنهن جي باوجود به کيس پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ خوف مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي. اهو خوف، جيڪو جڏهن ڪنهن ذهن ۾ ويهندو آهي ته ان ذهن سان گڏ ٻيا چڱا ڀلا ذهن به کائي کپائي کوکلا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو خوف جيڪو جڏهن ڪنهن معصوم دل کي پنهنجو مسڪن بڻائيندو آهي ته ان معصوم، پاڪ ۽ صاف دل ۾ وسوسا ڀريندو آهي. اهو خوف جيڪو ڪنهن به ڪم کي شروع ڪرڻ کان پهريان جڏهن انسان جي اندر ۾ بي وقتائتو نمودار ٿيندو آهي ته مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪم جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو آهي.

 اهو خوف جيڪو جڏهن جاڙين اکين ۾ ويهندو آهي ته جاڙيون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ پنهنجي اصل ڪرت يعنيٰ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏينديون آهن. اهو خوف جڏهن ڪن جي پردن تي حاوي ٿيندو آهي ته ان خوف جي زد ۾ آيل ماڻهو کي ڪن لاٽار جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو خوف جڏهن ڪنهن رستي، راھه، گس ۽ پيچري تي حاوي ٿيندو آهي ته ان راھه، رستي، گس ۽ پيچري جي منزل کي ايترو ته طويل، بي ڍنگو، اجايو، ٿڪائيندڙ، بي مقصد ۽ بد صورت بڻائي ڪري پيش ڪندو آهي جو چڱا ڀلا ماڻهو انهي رستي تي هلڻ کان وڏي پيماني تي ڪيٻائڻ لڳندا آهن ۽ اُها راھه مسافر ۽ منزل جي نه هجڻ سبب ڳري، سڙي تباھه برباد ٿي ويندي آهي. اهو خوف جڏهن ظاهري طور آرائش سان مالا مال گهرن، بنگلن، اوطاقن ۽ عمارتن تي حاوي ٿيندو آهي ته اهي عمارتون، گهر، بنگلا ۽ اوطاقون ويراني جو ڄڻ ته مضبوط حوالو بڻجي ڀٽڪيل روحن جون شڪلون اختيار ڪري وٺنديون آهن. اهو خوف هميشه جيان پنهنجي شڪل  صورت ۽ منهن مهانڊا مٽائي جڏهن مخلتف وبائن جي صورت ۾ انسان توڙي جانورن جي جسمن ۾ ڪاهي پوندو آهي ته اُن وقت گهڻا ئي انسان توڙي جانور وقت کان اڳ بي موت مري، کپي، ختم ٿي ويندا آهن. انهي خوف انساني روح کان پنهنجي اصل شڪتي، طاقت، مالڪي، حقداري، واسطيداري ۽ شناخت کسي ڇڏي آهي.

 هاڻ اسان ۽ توهان جي آس پاس جيڪي روح ظاهري شڪل و صورت، جسماني قد ڪاٺ، منهن مهانڊن سان مختلف آوازن جي صورت ۾ موجود آهن. مطلب اشرف المخلوقات جو شرف حاصل ڪري هن موجوده معاشري ۾ اسان جي ارد گرد آهن. انهن ۾ اوڙي پاڙي جا مرد عورتون ٻار، مطلب ننڍا وڏا سڀ، گڏ نوڪري ڪندڙ ساٿي، گڏ ڪاروبار ڪندڙ ڀائيوار، گڏ پڙهندڙ شاگرد، گڏ پڙهائيندڙ اُستاد، پروفيسر، اهل علم، گڏ سفر ڪندڙ مسافر، گڏ ڀوڳنائون ڀوڳيندڙ هم خيال ساٿي، خيالي، نظرياتي، سياسي ۽ مذهب مخالف فرد، مختلف رنگ ۽ نسل سان واسطو رکندڙ ذاتيون، ڪٽنب، قبيلا ۽ قومون ۽ وري انهن ذاتين، ڪٽنب، قومن ۽ قبيلن ۾ موجود مختلف رنگ قد، خيال ۽ فڪر سان سلهاڙيل ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکيا سکيا ڏينهن ڏسي، جيئن جو تيئن ڪري ڪا اهڙي راھه، ڪا اهڙي منزل تلاش ڪرڻ شروع ڪندا آهن. جنهن متعلق انهن جو اهو خيال هوندو آهي ته جنهن وقت هو انهي منزل تي پهچندا ته انهن جي زندگيءَ موجوده پيچيده صورتحال، ڏکن ۽ ڏوجهرن کان گهڻي ڀاڳي آزاد ٿي ويندي ۽ اُهي پنهنجي باقي زندگي پنهنجي خواهشن جي تڪميل ۾ گذاريندا.

هر ماڻهو کي پنهنجي زندگيءَ سامهون واري ماڻهو جي زندگيءَ کان وڌيڪ ذليل، خوار ۽ ٿڪائيندڙ لڳندي آهي. ڪجھه ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالھه هميشه لاءِ ويهجي ويندي آهي ته دنيا جون سڀئي مصيبتون، سڀئي پريشانيون، سڀ ڏچا، سڀ ڏکيا ڏينهن، ڪم ۽ سڀ خرابيون شايد سندس ئي حصي ۾ آيون آهن. اهڙن ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته دنيا ۾ موجود باقي ماڻهوءَ پنهنجي زندگيءَ خوشگوار گذاري رهيا آهن. جيڪي معاملا، مونجهارا، مسئلا ۽ پريشانيون کين تنگ ڪنديون رهنديون آهن يا تنگ ڪنديون رهن ٿيون. باقي ماڻهو انهن سڀني ڏچن کان آزاد آهن. اهو خوف هر هڪ ڀٽڪيل روح جو خوف آهي. پاڻ به هڪ اهڙي ئي ڀٽڪيل روح جو قصو آهيون. ڀٽڪيل روح ڊگهيون مسافتون طئي ڪري، مشقتون کڻي، ڏول، ڏک، ڏوجهرا سهي، تڪليفن ۾ سڙي، دربدري جون ٺوڪرون کائي، مايوسي جي ڪن ۾ ڦاسي، احساس ڪمتري جي اونهي کوھه تري ۾ پهچي، اڪيلائي سان جهيڙيندي، نراسائي سان هم ڪلام ٿيندي، اڌوري پن جي شڪايت کڻي، جاڳ، سجاڳ، ويراڳ ۽ فنا جي سڀني فڪرن، فلسفن ۽ خيالن کي پنهنجي زخمي پيرن هيٺان لتاڙي، ٽڪر ٽڪر، ڀورا ڀورا، ٽڙيل پکڙيل ۽ بي ترتيب ٿيل وجود کي گهليندي، ريڙهيندي، هتان ھُتان چتيون هڻي خشڪ چپن، اڻڀن وارن، ٿڪل پيرن ۽ بيوسي واري ڪيفيت ۾ گرفتار ٿي جڏهن پنهنجي پرين کي پڪارڻ شروع ڪندا آهن ته سموري ڪائنات ۾ موت جهڙي ماٺار ڇانئجي ويندي آهي. ايئن لڳندو آهي جهڙوڪ هي وشال ڪائنات، سر سبز دنيا، آسمان، مٽ مائٽ، سج، چنڊ، ستارا ۽ ڪهڪشائون سڀ جو سڀ رڳو اک ڇنڀ جو محتاج آهن. ڪا ٻي دنيا به آهي جتي ڪابه عام، معمولي ۽ روايتي شيءَ نه ئي ڏسڻ ۾ ٿي اچي ۽ نه ئي ٻُڌڻ، سمجهڻ توڙي سکڻ توڙي پرکڻ ۾ ٿي اچي. سمورو وايو منڊل پهرين واري ماحول کان وڌيڪ دلڪش، من موهيندڙ، سڪون ڏيندڙ ۽ سمجھه ۾ ايندڙ آهي. ڀٽڪيل روح اهڙن ڪجھه ٻين اهم دلفريب مرحلن مان گذري جڏهن موقعو ملندي واپس ساڳي ئي انساني وجود ۾ ٻيهر ننڊ جي مختصر عرصي يا انساني دماغ جي بيهوشي ۾ وڃڻ واري ڊگهي غشي کانپوءِ ساڳي جاءِ وٺڻ شروع ڪندو آهي ته وري انهن ڀٽڪيل روحن جو ڀٽڪڻ نئين سر سان شروع ٿيندو آهي ۽ اهو مرحلو ڄمڻ کانپوءِ شروع ٿي، ٻالڪپڻ کان ٿيندي جواني کي ڪراس ڪندي پوڙهائپ جي چائنٺ چمي وري نئين روپ، نئين رنگ، نئين شڪل و صورت وٺي ارتقا جا سڀئي مرحلا طئي ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هر دفعي نئين شڪل و صورت، قد بت، رنگ نسل ۽ جسم ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي ڀٽڪڻ واري شدت گهٽجڻ جي بدران هر نئين روز نئين قوت ۽ نئين جستجو سان وڌندي رهي ٿي. اهي ڀٽڪيل روح زمان ۽ مڪان جون سڀئي سرحدون اورانگهي هڪ اهڙي اڻ ڏٺل ڏيھه ۾ اهڙو ته گم ٿي وڃن ٿا. جهڙوڪ انهن جو ڪو وجود ڪڏهن ڪٿي هيو ئي ڪونه. اهي ڀٽڪيل روح ڪير آهن؟ جڏهن اسان انهي سوال کي پنهنجي ذهن ۾ اُڀرڻ جي اجازت ڏينداسين ته اسان جي اڳيان هڪ نه پر اڻ کٽ ڪردار اچي ويندا. اسان جي اکين ۾ انهن ماڻهن جي تصويرن جون قطارون ٺهي وينديون جيڪي انهن ڀٽڪيل روحن سان راتين جو راتيون روئي جاڳن ٿا. ڏينهن جا ڏينهن بکون ڪاٽين ٿا. سالن جا سال انتظار جي آس ۾ پاڻ کي پچائين ٿا. سموري دنيا جون تهمتون پنهنجي سر تي کڻي پوءِ به مرڪي هلن ٿا. سڀ ڪجھه خبر هوندي به اڻ ڄاڻائي جي اداڪاري ڪن ٿا.

 پنهنجن خوشين، خوابن ۽ خواهشن کي انساني نفس جي ڪاري بازار ۾ گروي رکي ٻين لاءِ خوشيون خريد ڪري اچن ٿا. اهڙا ڀٽڪيل روح جڏهن ڪو ويرانو وڃي وسائيندا آهن ته اتي فطرت انهن مٿان بي بها طريقي سان مهربان ٿي پوندي آهي ۽ اهو سمورو علائقو سر سبز توڙي شاد و آباد ٿي پوندو آهي. اهڙا ڀٽڪيل روح يا ته وقت کان اڳي يا وري غلط جڳھه تي پيدا ٿيڻ جي ڀوڳنا ڀوڳيندا آهن. اها ڀوڳنا مستقل بنيادن تي واڌ ويجھه ڪندي رهندي آهي ۽ تيستائين وڌنڌي رهندي آهي جيستائين اُن ڀٽڪيل روح جي وجود کي ابدي آرام نه ٿو اچي وڃي!