مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

0
124
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

 عوام جي ٽيڪس مان پيٽرول، بجلي، گئس، ڊيزل استعمال ڪندڙ، ٻاھرين ملڪن جا دورا توڙي مفت بنيادي سھولتون حاصل ڪندڙ حڪمرانن کي ڪھڙي خبر تہ مھانگائي ڪھڙي شيءَ جو نالو آھي. حڪمرانن جا ٻہ چھرا ھجن ٿا ھڪ اصل چھرو جيڪو ھو ڪڏھن بہ عوام آڏو ناھن آڻيندا ٻيو اِھو چھرو جيڪو ميڊيا تي يا وري ھو پنھنجي سياسي ڪمن ڪارن ذريعي ڏيکارين ٿا تہ اسان کي عوام جي تڪليفن، اھنجن، دردن جو احساس آھي، اسان عوام سان گڏ آھيون حقيقت ۾ انھن کي ڪڏھن بہ اُن پورھيت جي درد جو ڪو احساس يا ڪا پرواھه ناھي جيڪو سڄو ڏينھن گرمي ھجي يا ٿڌ سخت پورھيو ڪري 500 کان 600 روپيا ڏھاڙي ڪمائي مشڪل سان ھن وقت پنھنجي خاندان جو ٻہ ويلا پيٽ پالڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ڇا اِن رقم ۾ ھو اٽو وٺندو، کنڊ وٺندو، گيھه، آئل، چانور، مرچ، لوڻ، دال يا ٻيو ڪجھ وٺندو ھوندو؟ ٿوري دير جي لاءِ کڻي تسليم ڪجي تہ اِن رقم مان ٻہ ويلا پورھيت کي ماني ملندي، اِن کان پوءِ مٽن مائٽن جي شادي، فوتگي، ٻارڙن جي پڙھائي، خدا نہ ڪري ٻچا بيمار ٿا ٿين تہ علاج ڪيئن ڪرائيندو؟ ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگيندو ھوندو؟ اھڙي دجالي دور ۾ اِن طبقي جو ڪيئن گذارو ٿيندو ھوندو؟ اِن جي نہ رياست کي پرواھه آھي ۽ نہ ئي وري حڪمرانن کي ڪو احساس ئي آھي. پورھيت طبقو تہ غربت جي لڪير کان بہ ھيٺ عذاب واري زندگي گذاري رھيو آھي پر ھن وقت سرڪاري توڙي نجي شعبن ۾ سٺيون پگھارون کڻندڙ طبقو جن جو گذارو صرف پگھار تي آھي اُھو بہ پنھنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ سخت پريشانين، مونجھارن ۽ ذھني تڪليفن ۾ مبتلا آھي. ڪجھ سال اڳ جنھن خاندان جو ماھوار 10 ھزار روپين ۾ پوري مھيني جو سيدو (کاڌ خوراڪ جو سامان)  اچي ويندو ھو اُھو ئي سامان بنا ڪنھن شي جي اضافي سان ھن وقت 40 کان 50 ھزار روپين تائين ٿي ويو آهي . امير ڏينھون ڏينھن امير ۽ غريب ڏينھون ڏينھن غريب تر ٿيندو پيو وڃي. رياست جي بنيادي ۽ پھرين ذميواري آھي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ، معياري ۽ سستي اگھن تي کاڌ خوراڪ جون شيون فراھم ڪرڻ جنھن ۾ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي  آھي.پھريان پيٽرول وڌڻ لاءِ ٽائيم فريم ڏنو ويندو ھو پر ھاڻي عام منافعي خور دوڪاندار جيئن کاڌ خوراڪ جي شين ۾ ھڪ ڪلاڪ اندر اضافو ڪري ڇڏي ٿو تيئن ئي خبر ئي نٿي پوي تہ پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافو ٿي ويو آھي. گذريل رات پيٽرول جي قيمتن ۾ 22 روپين جي اضافي سان في ليٽر 272 روپيا ٿي ويو آھي، جنھن سان مھانگائي جي ٻوڏ ۾ سوناميءَ جھڙو اضافو ٿي ويو آھي ۽ ان مھانگائي جي ٻوڏ ۾ غريب، پورھيت، پگھاردار طبقو توڙي سفيد پوش طبقو لڙھي رھيو آھي. ھن مھانگائي واري ٻوڏ  ملڪ اندر ھڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي، عوام روڊن تي نڪري آيو آھي، مختلف ھنڌن تي نيشنل ھاءِ ويز، روڊ بلاڪ ڪيا ويا آھن تہ ڪٿي وري شھر جي مصروف ترين چوڪن چوارھن تي ڌرڻا ھڻي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آھي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي بہ حڪمرانن کي وڏي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اِن سان گڏ سوشل ميڊيا تي وڏي انگ ۾ اھڙا صارفين بہ آھن جيڪي عوام کي روڊن تي نڪرڻ جون تہ ڳالھيون ڪري رھيا آھن پر پاڻ سائين جن نہ ٽوئيٽر مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار آھن ۽ نہ ئي وري فيس بوڪ سميت ٻين سماجي رابطي وارين سائيٽس کان. عوام مھانگائي خلاف روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آھي پر انھن جي دردن جو درمان ڪندڙ ڪنھن سچي قيادت جي ضرورت آھي جيڪي چون ٿا جيتري بہ مھانگائي ڪريو عوام روڊن تي نہ نڪرندو انھن جي لاءِ عمران خان واري حڪومت ۾ تازو مثال موجود آھي جڏھن پ پ، ن ليگ، جي يو آءِ سميت ٻين پارٽين تي مشتمل پي ڊي ايم مھانگائي خلاف روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪيو تہ عوام وڏي انگ ۾ انھن جو ساٿ ڏنو، روڊن تي نڪري اِھو ثابت ڪيو تہ عوام مھانگائي واري ٻوڏ کان بيزار ٿي چڪو آھي پر جن تي عوام يقين ڪري اسلام آباد تائين مارچ ۾ شرڪت ڪئي، روڊ رستا بند ڪيا، مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا اُھي پارٽيون حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدا ۽ وقتائتا قدم کڻڻ بجاءِ پنھنجون ڪرسيون بچائڻ، پنھنجا ڪيس ختم ڪرائڻ، پنھنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني.   پاڪستان جي عوام کي جڏھن بہ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ نڪرڻ جو چيو ويو آھي اُھا پنھنجي وس آھر نڪتي آھي. وڏي انگ ۾ اھڙا خاندان آھن جيڪي ھڪ ڏينھن بہ موڪل ڪرڻ کان قاصر آھن ڇو جو جنھن ڏينھن اھو گھر جو سربراھه مزدوري تي نہ ويندو تہ اُن جي خاندان کي بک تي رھڻو پوندو، ھن دور ۾ ماڻھن کان پاڙيسرين جا حق بہ وسري ويا آھن، مذھب ۾ پاڙيسرين جا حق آھن، ڪو بہ بک تي رھيو تہ اُن جو پڇاڻو ٿيندو پر ھِتي سڀ ڪجھه خبر ھجڻ باوجود ڪنھن کي ڪا پرواھي ناھي. خيرپور واسي پورھيت پنھنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھائي ڇڏيو آھي. لکين بيروزگار نوجوان ذھني مشڪلاتن، پريشانين ۾ مبتلا آھن، ڇو جو ھِتي ڪنھن بہ سرڪاري آفيس ۾ ھڪ پيپر بہ رشوت کان بنا ناھي چرندو اُتي نوڪري ميرٽ تي ملڻ انتھائي ڏکي ٿي وئي آھي، اھڙي صورتحال ۾ عوام ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ ھِتي ابتو نظام پيو ھلي، حڪمرانن توڙي بيورو ڪريٽس کي وڏيون ملڪيتون، مراعتون ، پگھارون آھن پر پوءِ بہ انھن کي مفت بجلي، مفت پيٽرول، مفت گيس، مفت ٻاھرين ملڪن جا فيمليز سميت ٽوئر اُن عوام جي ٽيڪس مان ڪرايا پيا وڃن جيڪا عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، ھي حڪمران جيڪڏھن سچا ھجن ھا، ايمانداريءَ سان ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچن ھا تہ پھريان وفاقي، صوبائي وزيرن، مشيرن، بيورو ڪريٽس کي ڏنل مراعتون بند ڪن ھا. پيٽرول مھانگو ٿي ويو آھي پر اِن سياستدانن توڙي بيورو ڪريٽس جي پروٽوڪول  تي ڪو بہ فرق ناھي پيو؟ انھن وٽ ايتريون ملڪيتون آھن جو پنھنجي کيسي مان بہ پروٽوڪول جو فيول ڀرائي سگھن ٿا پر نہ عوام جي ٽيڪس واري رقم خرچ ڪرڻ ۽ مفت ۾ سھولتون وٺڻ اُھي پنھنجو جمھوري حق سمجھي حاصل ڪن ٿا. يعني جن وٽ گھڻي کان گھڻو ڪجھه آھي اُنھن کي سھولتون ڏيڻ لاءِ عوام مٿان ٽيڪس ايئن لڳايا پيا وڃن جيئن ڪنھن مينھن جي واڙي ۾ مينھن کي کير ڏيڻ کان اڳ انجيڪشن ھنئي ويندي آھي. وزير اعظم پاڪستان توڙي وفاقي وزيرن کي گھرجي تہ چونڊيل نمائندن، وزيرن، مشيرن، بيورو ڪريٽس کي ڏنل مراعتون واپس ورتيون. ڇاڪاڻ ته ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڪنڌي تي پهتو آهي. جيڪڏھن سنجيدگيءَ، ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان صرف انھن ٻن آپشنز تي غور ڪيو وڃي تہ اسان جو ملڪ توڙي اسان جي عوام خوشحال ٿي سگھي ٿو.