لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سنيئير نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جي نوجوان اڳواڻن سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، جنهن ۾ هن چيو ته هيءَ منهنجي حڪومت نه آهي، اسان جي حڪومت تڏهن هوندي جڏهن نواز شريف پاڪستان ۾ هوندو. پارٽي ذريعن موجب حڪومت جي خراب ڪارڪردگي تي اتحادين هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مريم نواز به پاڻ کي موجوده حڪومت کان ڌار قرار ڏيندي چيو ته موجوده حڪومتي ڪارڪردگي جي ذميوار نواز ليگ ناهي، يوٿ نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز چيو ته آئون هن حڪومت جو حصو نه آهيان ۽ نه ئي هي منهنجي حڪومت آهي، هن وقت مُلڪ جو وزيراعظم شهباز شريف آهي. پارٽي ذريعن موجب مريم نواز چيو ته هن حڪومت جي خراب ڪاڪردگي جو ذميوار نواز ليگ کي قرار نٿو ڏئي سگهجي، اسان جي حڪومت تڏهن هوندي جڏهن نواز شريف پاڪستان ۾ هوندو، نواز ليگ قائد مُلڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو.