سوال/سروي … صحت کاتي جي ڪارڪردگي زيرو قرار: اسپتالن ۾ دوائون نٿيون ملن نه ئي وري ڊاڪٽر هجن ٿا: عوام

0
216

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2022ع ۾ اوهان جي علائقي ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي ؟ اسپتال ۾ علاج جون سهولتون مليون؟ ذميوار ڪير ؟ ڇا هن سال صحت جون سهولتون ملي سگهنديون ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته صحت کاتي جي ڪارڪردگي زيرو رهي، اسپتالن ۾ دوائون نٿيون ملن، اسپتالن ۾ عملو نٿو هجي، دوائون به ٻاهران وٺڻيون پون ٿيون، سنڌ سرڪار ذميوار آهي، سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گلزار ملاح لکيو ته مانجهند جي سرڪاري تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ رهي، هڪ ايمبولينس ڀان سيدآباد جي هيلٿ سينٽر وارا کڻي ويا، هڪ ايمبولينس بچي ان ۾ غريب مريضن کان حيدرآباد تائين تيل جي مد ۾ چار کان ساڍا چار هزار رپيا ڪرايو ورتو ويو، روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 22 ڄڻن کي طبي امداد نه ملڻ جو نوٽيس وزير اعليٰ سنڌ ورتو، فقط ايم ايس بدلي ٿيو، باقي اسپتال کي ڪا به سهولت نه ملي سگهي،

                          گل حسن شر لکيو ته سول اسپتال سانگھڙ ريفر سينٽر وانگر ڪم ڪندي آھي ڊاڪٽر پرائيويٽ ڪلينڪ کي وڌيڪ ٽائيم ڏين ٿا جيڪو مريض سول اسپتال ۾ لاعلاج ھوندو آھي اھو پرائيويٽ ڪلينڪ تي نوبنو ٿي پوندو آھي ڪروڙين رپيا بجيٽ ھوندي به ھي اسپتال بي لاڀ بڻيل آھي، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته ڪنڌرا رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڏهن ٻارهن سالن کان وٺي دوائن جي شديد کوٽ آهي، سرڪاري ڊاڪٽرن جون لکيل دوائون شهر جي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن مان پيون وٺڻيون پون لک کان وڌيڪ ڪنڌرا ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي آبادي آهي پر افسوس سان سول اسپتال ڪنڌرا ۾ دوائون آهن ئي نه ويم گهر اسپتال ۾ موجود آهي پر ويم گهر جو عملو گهر ويٺي پگهارون پيو کڻي ايمبولينس به کٽارا ٿي چڪي آهي جيڪا صرف شوپيس جو نمونو ڏئي پئي غريب مسڪين هاڻي ته سول اسپتال جو رخ ئي نٿا ڪن اسان روزاني پنهنجي اخبار جي سٿ کي گذارش ٿا ڪريون ته اوهان جي ٽيم اچي ۽ اسپتال جو دورو ڪري جائزو وٺي پنهنجي اخبار ۾ بي خبر شايع ڪري ۽ ٽائيم نيوز تي به رپورٽ هلائي جيئن غريب مسڪين مريضن جو ڀلو ٿي پوي باقي اسان سوشل ميڊيا تي آواز اٿاري اٿاري ٿڪجي پيا آهيون اگر اوهان جي ڪري ڀلو ٿي پوندو اوهان جي ٽيم ۽ سٿ جي لاءِ غريب دعائون ڪندا، منظورعلي زرداري لکيو ته هيلٿ کاتو ۽ چونڊيل نمائندا ذميوار آهن بي ايچ يو شامل انڙ اسپتال ۾ ڪا به سھولت ناهي پاڻي پيئڻ جي به سهولت ناهي، اسد بلوچ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر لاپتا نظر ايندا آهن دوائن ۽  اسٽاف جي کوٽ ، گورنمينٽ کي گھرجي ته ھليٿ ڊپارٽمينٽ تي خاص نظر رکي دوائن اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي اسپتالن کي وڌيڪ بھتر ڪري ڏنو وڃي، مراد علي لکيو ته پي پي ايچ آءِ طرفان قائم ٿيل صحت مرڪز سيري ۾ به خاص سھولتون نه مليون، ڊليوري جي به اڻپوري سھولت موجود آهي اھي به گهڻو ڪري مريضن کي حيدرآباد ريفر ڪندا آهن، شنڪر لال لکيو ته اسان جي صحت کاتي جي ڪارڪردگي بلڪل زيرو آھي نه ان ۾ ڪا سھولتون آھن ۽ نه ئي دوائون ۽ ھن جي ذميوار حڪومت آهي،

الياس سمون لکيو ته اسان وٽ ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ھيلٿ سينٽر سنڌ سرڪار نجي اين جي اوز کي ڏنا جنهن سبب دوائون مڪمل طور نه مليون ڪنهن به قسم جون سھولتون نه مليون آهن، نجيب مرگهر لکيو ته ٺٽي جون اسپتالون اين جي اوز جي حوالي آھن جتي نه ڊاڪٽر آھن نه دوائون تقريبن ڊاڪٽر پنھنجي پرائيويٽ اسپتال ھلائين ٿا،

 مظفر بهاول لغاري لکيو ته ضلعي بدين جي ڪنهن پرائيويٽ ليبارٽري جي مالڪ جي بقول ته يورين ڪٽ جو سڄو کيپ جعلي ناڪاره آهي اهو سرڪاري اسپتالن کي مليل آهي ۽ جعلي ۽ مدي خارج دوائن جون اڳي به خبرون ٻڌون پيا. دائود لغاري لکيو ته صحت کاتي جي ڪارگردگي اسان جي علائقي گلاب لغاري ۾ خراب رهي عوام جي لاءِ ڪا سهولت ناهي اسپتال ۾ …

 ذوالفقار علي راهمون لکيو ته ٿرپارڪر ۾ سرڪاري ۽ پي پي ايچ آءِ جي حوالي ڪيل اسپتالن ۾ اڪثر عملو هر وقت حاضر پر دوائون موجود نه هونديون آھن صحت کاتي جا فنڊ هڙپ ڪيا وڃن ٿا،

 احسان علي لغاري لکيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن لاءِ ته ڪابه سھولت نه آھي باقي سفارشي ڪم گھڻو ٿو ھلي، غريبن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪو غريب دوا لاءِ ويندو آھي ته ھن کي ھڪ سيرپ ڪجھه 5 کن گوريون ڏئي موٽائي ڇڏيندا آھن، جي آر چانڊيو لکيو ته اسا وٽ سانگھڙ تعلقي ۾ ارڙي بيماري ڪيترائي ٻار ماري ڇڏيا پر صحت کاتو ڪٿي به نظر ڪونه آيو، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر لاپتا هوندا آهن، شبير کوکر لکيو ته زيرو ڪارڪردگي رهي آهي، نارائڻ داس لکيو ته ھيلٿ کاتي ۾ ڪرپشن آھي وڏو افسوس ھي آھي ته انسانن جي صحت سان کيڏيو ويندو آھي،

ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر نظر ئي ناهن ايندا اسپتالن ۾ دائون ۽ عملي جي کوٽ پوري ڪئي وڃي،

 امتياز جمالي لکيو ته ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين به نه ٿي ملي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان جي علائقي گھگھر ۾ عطائي ۽ پرائيوٽ ڊاڪٽرن گھڻو پئسو ڪمايو باقي سرڪاري اسپتال نالي ماتر کليل ھئي، شبير حسين ڀوت لکيو ته تمام بري ڪارگردگي رھي سمورين اسپتالن جي،

عرفان سيلرو لکيو ته شهدادڪوٽ سول اسپتال ۾ ته سرڪار طرفان عوام کي پيناڊول به ڪونه ٿي ڏني وڃي انهن جو مڪمل علاج ته پري جي ڳالهه آهي، فقير اميتار لکيو ته گلاب لغاري ۾ اسپتال ۾ سهولت ناهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته سخي داد واھي جو بنيادي صحت مرڪز کي بلڊنگ ۽ اسٽاف جي سخت ضرورت آهي ان لاءِ صحت کاتي اعليٰ اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته مين روڊ تي واقع صحت مرڪز کي اپگريڊ ڪري سهولتون ڏنيون وڃن، شوڪت علي لکيو ته سنڌ جا سمورا کاتا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، عبدالقادر گبول لکيو ته پي پي ايچ آءِ ڳڙهي چاڪر ۾ مون کي پرچي ڏئي چيو ويو ته دائون ٻاهران وٺو، نور عمراڻي لکيو ته صحت مرڪز ڪلوئي ٿرپارڪر ، جيڪو ڪلوئي تعلقي جي ڏيڍ لک آبادي لاءِ مختص آھي. جيتوڻيڪ ڪلوئي گذريل ڪيترن ئي سالن کان تعلقي جي حيثيت رکي ٿو اڄ به اسپتال بنيادي صحت مرڪز طور ڪم ڪري ٿي جتي رڳو پرچين جا پيٽ ڀري بجيٽ جي ڀينگ ڪئي وڃي ٿي. مرض ڪهڙو به هجي دوا هڪ ئي قسم جي ملندي اسپتال ۾ سواءِ مليريا جي ٽيسٽ جي ڪا به سهولت ميسر ناهي. ياد رهي ته ڪلوئي ۽ ان جي آسپاس تقريبن اڌ کان وڌيڪ آبادي کاري ۽ گدلي پاڻي سبب ڪاري سائي ۽ گردن جي بيماري ۾ ورتل آھي جنهن جي لاءِ حڪومت طرفان ڪا به تحقيقاتي سروي يا اسپتال طرفان اهڙي ڪا به رپورٽ انتظاميه ڏانهن ناهي موڪلي وئي. ايڪسري مشين به ڪجھه سال اڳ ڪنهن ٻاهرين ملڪ طرفان امداد طور ملي هئي جيڪا به اڄ ڏينهن تائين استعمال ناهي ٿي ۽ اسپتال طرفان اهو ٻڌايو ويندو آھي ته مشين خراب آھي.هڪ ايمبولينس به آھي جيڪا به پرائيويٽ گاڏين کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪري ٿي ۽ سفارش کان بغير ملڻ مشڪل آھي..

شيرا احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر/ماتلي ذڪر ڪيل ٻنھي تعلقن جي سول ھاسپيٽلز ۾ نالي ماتر علاج جون سهولتون آھن. علائقي واسي معمولي علاج لاءِ عطائي پرائيويٽ ڊاڪٽرن جو رخ ڪندا آهن. حڪومت کي سنجيده علاج جي سھولتن جو مطالبو ٿا ڪريون، مجاهد رند به سروي ۾ حصو ورتو،

جنيد لغاري لکيو ته صحت کاتو جيترو سنڌ ۾ ناڪاره ڪردار ادا ڪري ٿو، 2022ع ۾ خيرپور ناٿن شاھ ۾ مليريا سبب 166 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن جو سبب تعلقا اسپتال ۾ مليريا ڪٽ نه هئڻ هو، فيضان لغاري لکيو ته ٽنڊومحمد خان ڊي ايچ ڪيو باوجود مريضن کي سهولتون نٿيون ملن.