ڪراچي ۾ ڇوڪرين جي اسمگلنگ جو انڪشاف

0
347

ڪراچي ۾ ڇوڪرين جي اسمگلنگ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇوڪرين جي  اسمگلنگ ڪيس ۾ اعليٰ سطحي  جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جن اسمگلنگ مامري تي عدالت کي آگاهه ڪيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو کاتي کي جي  آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايف آءِ اي کي به انساني  اسمگلنگ واري معاملي جي جاچ  جو حڪم ڏنو

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇوڪري مسڪان حيران ڪندڙ  انڪشاف ڪيا آهن، لڳي رھيو آھي ته ننڍي عمر  جي ڇوڪرين جي اسمگلنگ ٿي رهي  آهي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي مان 14 سالن جي  نينگري کي اغوا ڪيو ويو، ڇوڪري جي بيان موجب کيس ٽي ڀيرا وڪرو ڪيو ويو هو، هي ڇوڪري جرئت ڪري  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي

عدالت چيو ته ڇوڪريءَ بيان ۾ ٻڌايو ته جتي کيس رکيو ويو  اتي 14 کان  15 ٻيون ڇوڪريون به هيون، هي هڪ سنگين معاملو آهي ان کي نٿو ڇڏي سگهجي

 عدالت نابالغ ڇوڪريءَ کي شادي  جو ڏٽو ڏيندڙ جوابدارعدنان کي ضمانت  تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، جوابدار عدالت ۾ موقف  اختيار ڪيو ته مسڪان جي اغوا سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، سونيا ان کي ڦاسايو ھو، فيس بڪ ذريعي دوستي بعد سونيا سان شادي ڪئي

ھي به پڙھندا

دادو ۾ ماسترياڻي کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ڪوارٽر گارڊ ٿيل اهلڪار ڪجهه گهڙين ۾ آزاد، خوف ۾ ورتل آهيان: ماسترياڻي