دادو ۾ ماسترياڻي کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ڪوارٽر گارڊ ٿيل اهلڪار ڪجهه گهڙين ۾ آزاد، خوف ۾ ورتل آهيان: ماسترياڻي

0
462

دادو ۾ ماسترياڻي کي مبينا هراسان ڪرڻ تان پوليس اهلڪار کي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ جي ڪجهه گهڙين بعد مبينا طور آزاد به ڪيو ويو

ليڊي ٽيچر نيلي مريم ميمڻ ٿاڻي پهچي دانهيو ته اسڪول اچڻ وڃڻ دوران پوليس اهلڪار دلبر لنجار رستا روڪ ڪري ٿو

ماسترياڻي دانهيو ته دانهڻ تي اهلڪار اغوا ۽ تيزاب هارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، عورت  جي شڪايت تي پوليس اهلڪار دلبر لنجار  کي معطل ڪري ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو

ٻئي پاسي متاثر ماسترياڻي الزام هنيو آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪوارٽر گارڊ ڪيل پوليس اهلڪار کي ڪجهه گهڙين ۾ ئي آزاد ڪري ڇڏيو آهي

متاثر ماسترياڻي مطالبو ڪيو آهي ته الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار کيس نقصان پهچائي سگهي ٿو، نوٽيس وٺي کيس انصاف ڏياريو وڃي

ھي به پڙھندا

غزالا ماڇي کي چاهيندڙ بهاني سان گهرائي ريپ بعد قتل ڪيو