گهوٽ شاديءَ تي ڪنوار کي تحفي ۾ گڏهه ڏئي ڇڏيو

0
1376
گهوٽ شاديءَ تي ڪنوار

”مون کي هميشه خبر هئي ته ويريشه کي گڏهن يعني کوتن جو تمام گهڻو شوق آهي، تنهنڪري هي منهنجي طرفان شادي جو تحفو اٿس

اها ڳالهه پاڪستاني سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آيل اذلان شاهه ڪئي، هن پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ چيو آهي ته هن پنهنجي ڪنوار کي سندس شادي تي گڏهه جو ٻچو، يعني کوتو تحفي طور ڏنو آهي

گدھا

گهوٽ ڪنوار کي اهو تحفو ڏيڻ وقت تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن

ان تحفي بابت اذلان جو چوڻ هو ته ”مون کي جانورن سان پيار آهي، ماڻهو ڇا به چون، گڏهه منهنجو پسنديده جانور آهي، مون کي گڏهه سان پيار آهي، هي وريشه لاءِ منهنجي طرفان تحفو آهي

گدھا

وڊيو ۾ ڪنوار گهوٽ ئي چئي رهي آهي ته آئون توکي گڏهه نه بڻائيندس،توکي انسان ئي رهڻو آهي

اذلان شاهه موجب وريشه سان شادي ان ڪري ڪئي آهي ڇو ته هوءَ جانورن سان پيار ڪندي آهي

سوشل ميڊيا تي گهوٽ طرفان ڪنوار کي ڏنل تحفي واري مامري تي بحث ڇڙيل آهي، ڪجهه صارفين گهوٽ جي واکاڻ ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري تنقيد به ڪري رهيا آهن