حيدرآباد /لاڙڪاڻو ( نمائندن وٽان ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي 8 هين ورسي سندس گهر ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي. تقريب ۾ سوڀي جي پٽ نرمل داس، ننهن ريکا، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر محمد علي پٺاڻ، اديب ۽ شاعر آزاد انور ڪانڌڙو، اديب، شاعر ۽ ليکڪ عيسي ميمڻ، اديب ۽ ليکڪ استاد خالد چانڊيو، ڄام جمالي، صحافين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. جنهن دوران سوڀي جا گهر ڀاتي کيس ياد ڪري اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پٽ نرمل داس ٻڌايو ته اسان هر سال بابا جي ورسي گهر ۾ سادگي سان ملهائيندا آهيون پر هن ڀيري سنڌي ادبي سنگت طرفان ورسي ملهائي وئي آهي ان تي اسين دوستن جا ٿورائتا آهيون.هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان بابا جي جناح باغ ۾ سماڌي ٺاهي ان جي نالي سان ڪنهن روڊ کي منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿيو.هن چيو ته بابا جي خواهش هئي ته موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي ۾ ڪلينڪ ٺهي جنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ساڍا 8 لک روپيا خرچ ڪري بابا جي نالي سان ڪلينڪ به ٺاهي پر ماڻهن جي گهٽ دلچسپي جي ڪري مجبور ٿي بند ڪري ڇڏي.هن چيو ته بابا جي خواهش موجب مون سندس هڏڙيون سنڌوءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن.ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ننهن ريکا چيو ته بابا جون يادون ڪڏهن به نه وسرنديون، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناليواري اديب ۽ شاعر تاج جويو چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو عظيم ڪميونسٽ، سنڌ دوست اڳواڻ ۽ اديب هو، ڪامريڊ پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي مظلومن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ هو برصغير جو به اڳواڻ هو، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اِها ذميواري آهي ته ڪامريڊ جي سماڌي جمعو فقير پارڪ ۾ ٺهڻ کپي جنهن جي يادگار حيثيت آهي ان کان علاوه اسين لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميه کان گهر ٿا ڪيون ته ڪامريڊ سوڀي جي حوالي سان سندس گهر واري مين روڊ يا ڪنهن مناسب روڊ جي نالي کي ڪامريڊ سوڀي جي نالي سان رکيو وڃي، اسين سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران لکپڙهه به ڪنداسون .اسان جو ٽيون مطالبو هوندو ته ڪنهن به علمي ۽ ادبي اداري جو نالو به ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي سهڪار سان ناليواري اديب ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي اٺين ورسي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ڀٽائي ادبي هال ۾ ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو آتم ڪٿا، اينٿلاجي ۽ ٻيو رهيل مواد شايع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته ڪامريڊ سوڀي جو ڳوٺ ۾ ياد ڪيل يادگار کي پڪو ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران پريس ڪلب سامهون نامياري دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ورسي جي موقعي تي ڏيئا ٻاري کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.