ڪراچي ۾ پرڏيهي مشنز ۽ اهم سرڪاري عمارتن تي حملن جو خدشو

0
203
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ پرڏيهي مشنز ۽ پرڏيهي ڊپلوميٽس جَي گهرن ۽ اهم سرڪاري عمارتن تي حملن جو خدشو طاهر ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جِي جِي رپورٽ تي ڪراچي جَي ڏکڻ ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي

گهرو کاتي نوٽيفڪيشن ۾ چيو آهي ته ضلعي اندر 60 ڏينهن لاءِ ڊرون اڏائڻ تي به پابندي هوندي، دهشتگرد وڏين عمارتن ڀرسان ڊرون اڏائي سگھن ٿا ۽ انهن کي روڪڻ ڏکيو هوندو

گهرو وزارت موجب اهم عمارتن ۽ شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، قلم 144 جِي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن