اسان کي سپورٽ ملي ها ته پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها: وزير اعظم

0
189
پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها
اسان کي سپورٽ ملي ها ته پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها: وزير اعظم

ڪراچي: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته چئن سالن ۾ ڊالر 115 کان 189 رپين تائين پهچي ويو، اُن ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي، جيڪا سپورٽ لاڏلي کي ملي، اهڙي طرح اسان جِي ڪنهن حڪومت کي 30 سيڪڙو به سپورٽ ملي ها ته پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڇا اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي ته غريب ۽ فقير رهنداسين، نه، بالڪل نه، قوم متحد ٿي وڃي ته 10 سالن ۾ ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي

هن چيو ته ڏکيو وقت آهي ته سڀ کان پهريان قرباني ڏيڻي پوندي، ساڍن ٽن سالن دوران معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، پنهنجي بدترين انتظامي بعد ماڻهن لاءِ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

 ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر سيڙڪاري جو تحفو ڏنو آهي، سنڌ سرڪار، ايم ڪيو ايم ۽ واپاري گڏجي پلان جوڙين