وساريان نه وسرن

0
110
سيوهڻ سانحو: ذميوار ڪير...؟

جڏهن به ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هارين جي حقن لاءِ تحريڪ جو نالو اڀري ٿو تڏهن پڪ سان پهريان سندن ڌيان سنڌ جي ان مُوڪِرين مُڇن واري هشمت ڀري ان هستيءَ ڏانهن وڃي ٿو جنهن سنڌ جي هارين کي ميڙي مٺ ڪيو جنهن وڏيرن ۽ زيادتي ڪندڙ زميندارن کي ڏندين آڱريون ڏنيون.21 مئي اڄ ان شخص جي 53هين ورسي آهي جنهن سنڌ جي پيڙهيل هارين بنيادي حقن لاءِ ڏاٽي وارو ڳاڙهو جهنڊو بلند ڪيو ۽ اهو جهنڊو هن جي هٿ ۾ تيستائين اڀو رهيو جيستائين هن جي هٿن جي آڱرين ۾ زندگيءَ جي طاقت موجود هئي. اهو شخص جنهن جو نالو حيدر بخش جتوئي هو تنهن جي انقلابي ڪردار ۽ هارين جي حقن لاءِ هلايل شاندار جدوجهد سبب سنڌ واسين کيس “ڪامريڊ” جو لقب ڏئي ڇڏيو ۽ اڄ تائين اهو لقب سندس نالي جو اڻٽٽ حصو بڻيل آهي. انڪري سنڌ واسي کيس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ طور سڃاڻين ٿا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي نه رڳو دنيا آڏو سنڌ جي هاريءَ جو حقيقي درد اجاگر ڪيو پر ان سان گڏوگڏ هن سنڌ جي هارين ۾ سندن بنيادي حقن جي حصول لاءِ شعور پيدا ڪرڻ لاءَ وڏي جدوجهد ڪئي ڇو ته جنهن دور ۾ ڪامريڊ سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ان دور ۾ سنڌ جون سياسي حالتون موجوده وقت جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون ڏکيون هيون انڪري ڪامريڊ هارين کي بيدار ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، هو هڪ ئي وقت هارين جي انهن مسئلن لاءِ به وڙهندو هو جن جو حل سڌيءَ ريت حڪومت وٽ هوندو هو گڏوگڏ هو هارين جي اهڙين مسئلن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو جيڪي مسئلا لوڪل وڏيرن جا پيدا ڪيل هوندا آهن ساڳئي وقت هو جهر جهنگ هارين جون گڏجاڻيون ڪري کين متحد ۽ منظم ڪندو هو. اهي سڀ ذميواريون اڪيلي سر پنهنجي سر تي کڻندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي جوهر ۾ وڏو نقاد هو جنهن سنڌ ترقي پسند فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ “جيئي سنڌ” جهڙا مشهور گيت لکيا.

اڄ ڪامريڊ پڄاڻان سنڌ جي هارين جو حقن جو ڪوبه مضبوط آواز ڪونهي سنڌ جا هزارين هاري نه رڳو اڪيلا آهن پر وڏيرن ۽ زميندارن جي ڏاڍ هيٺ آهن، انڪري اڄوڪي دور ۾  ان سچي ڪامريڊ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي جنهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ پنهنجي انقلابي جلوي کي ظاهر ڪيو. اڄ انقلابي دنيا کي نظرياتي ڏڪار جهڙي مرض جي مشڪلات درپيش آهي ۽ ڪيترائي جدوجهد ڪندڙ انقلابي جوڳي پنهنجي من مرلين تي انقلابي گيت ڳائڻ ۽ اجتمائي مفاد بجاءِ ذاتي مفاد لاءِ حڪومتن جي شان ۾ سهرا ڳائي رهيا آهن ۽ اڄوڪي دور ۾ مختلف سببن جي ڪري ماڻهو ڪامريڊ لفظ کي ڪراهت سان اچارين ٿا تنهن دور همٿ ۽ هشمت جي مينار حيدر بخش جتوئيءَ نالي اڳيان لڳندڙ لفظ “ڪامريڊ” پنهنجي ساڳئي عزت وقار مان ۽ مرتبي سان ڀريل آهي ۽ ڪنهن سنڌي ليکاريءَ کي اها همٿ ئي نه ٿيندي هو سنڌ جي هن اڳواڻ جي شان ۾ ڪو تنقيدي يا طنزيا جملو لکي ڇاڪاڻ ته حيدر بخش جتوئيءَ جو وجود ان ڳالهه جو زنده دليل آهي ته هاري انقلاب ڪنهن ديواني جو خواب ناهي نه وري اهو ڪنهن گذري ويل قصي ڪهاڻي جيان  پنهنجي حقيقت وڃائي چڪو آهي. اڄ به سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو انقلابي تاريخ جي مومل اڳيان ڪنهن ڪاڪ جي راڻي جيان آهي.

هاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي آفيس لاءِ پنهنجو گهر ڏئي ڇڏيندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جهڙي عهدي تان استيفيٰ ڏني ۽ رابطن جي سخت ڏڪار واري ان دور ۾ انڪري پنهنجي هفتيوار اخبار “هاري حقدار” اخبار ڪڍي ته جيئن سنڌ جي هارين جا مسئلا انهن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد اٿندڙ آواز کي سنڌ جي واهڻ وستي پهچائي سگهجي ان ۾ هو گهڻي ڀاڱي ڪامياب به ويو. اهو ئي سبب هو جو 1949ع ۾ سنڌ جي انقلابي هارين طرفان نه صرف چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو پر هن هزارين هاري ميڙي سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪيو ان ڏوهه ۾کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪامريڊ بنيادي طور هڪ معصوم ۽ حساس دل جو مالڪ انسان هو پر هن جا ارادا پهاڙن کان پختا هئا سندس خيال هو ته هارين جي اڪثريت آهي پر هو مسئلن جي پهاڙن هيٺ دٻيل آهن اگر هارين ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي ته بنا ڪنهن رت وهائڻ جي  سنڌ سرخ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو.

ان مڙس مٿير جو مختصر پروفائيل پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1901 جي آڪٽوبر مهيني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ننڍي ڳوٺ بکو ديرو جي غريب پورهيت الهداد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي هو پڙهائيءَ وڏو ذهين هو 1918 ۾ فائنل جي امتحانن ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين ۽ غريب هجڻ سبب مسلسل اسڪالرشپون حاصل ڪندو تعليمي پنڌ ۾ اڳتي وڌندو ويو، 1923ع ۾ ميٽرڪ ڪري انٽر بعد 1927ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين بعد ۾ روينيو جي امتحانن ۾ سڄي سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيائين. ان دوران هو سنڌ جي ترقي پسند خيال جي دانشورن جي لهه وچڙ ۾ آيو ۽ هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيائين 1941ع ۾ هارين جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جي راهه رڪاوٽ بڻيل سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪيائين سڄي سنڌ جي هارين کي ميڙڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ نڪري پيو نومبر 1954ع ۾ هن ون يونٽ مخالفت ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪتاب لکيو ۽ 1969ع ۾ ون يونٽ خلاف دستخطي مهم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ مظلوم مخلوق هارين جي حقن لاءِ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان مستقل طور وڙهندو رهيو جنهن هاري ڪاميٽي جو بنياد سائين جي ايم سيد، پروفيسر گوڪلي، عبدالمجيد سنڌي ۽ ڄيٺ مل پرسرام رکيو هو. اڄ 21 مئي ڪامريڊ جي 53هين ورسي آهي اڄوڪي تاريخ تي ڪامريڊ جهڙي ڪردار سنڌ کان موڪلايو هو ۽ اڄ اسانجو اهو فرض آهي ته نه فقط کيس ياد ڪندي لفظن جو خراج پيش ڪيون پر ڪامريڊ جي ڇڏي ويل ان تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنجيده بحث ڪيون ڇاڪاڻ ته اڄ به جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وڏي مشڪلن سان ٻاريل ان مشعل کي کڻي سنڌ جي هارين جي اونداهين زندگين ۾ روشني ڦهلائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ته اها ڪوشش پڪ ڪنهن ديواني جو خواب نه هوندي. ڇو ته اڄ به سنڌ جا هاري انساني حقن جي انڌا ڌنڌ لتاڙ جو شڪار آهن پر سندن طبقاتي حق غاصب جي گوڏي هيٺان آهن.