ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 40 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان

0
250
ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ
ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 40 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي موقعي تي 40 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينجرز جا جوان به پوليس سان گڏ موجود هوندا

ڪراچي پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته مڪاني چونڊن دوران ضرورت پوڻ تي فوج کي به طلب ڪيو ويندو

هن چيو ته شهر جون سموريون پولنگ اسٽيشنز حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريپڊ ريسپانس فورس جون 5 سئو کان وڌيڪ ٽيمز هر وقت تيار هونديون

ڪراچي پوليس سربراهه چيو ته وڳوڙن جي صورت ۾ اينٽي رياٽ فورس جون ٽيمز به حرڪت ۾ اينديون، ڪراچي ۾ لساني ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ضابطو آندو ويو آهي

هن وڌيڪ چيو ته لساني ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو حراست ۾ آهن، اڃا وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويندا