پي ٽي آءِ پنجاب ۾ سنڌ حڪومت جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري: شاهه محمود قريشي

0
221
اميد ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي

لاهور: پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي 188 ميمبرز جي حمايت حاصل آهي، حڪمران اتحاد اسان جي عددي اڪثريت قبول نٿو ڪري

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن چيو ته اُميد آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو مرحلو آئيني طريقي سان حل ٿي ويندو

شاهه محمود قريشي چيو ته پروز الاهي اسان جو اُميدوار آهي ۽ انشاءَ الله ڪامياب ٿيندو، مريم نواز ننڍي چونڊ ۾ شڪست کي قبول ڪيو، پوءِ ٻوليون ڇو پيا لڳايو ۽ توهان جا ادارا ڇو متحرڪ آهن؟

 هن چيو ته راڻا ثناءُ الله جو بيان افسوسناڪ آهي، ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ جي ميبمرز کي ڪير ۽ ڇو گم ڪندو، پڪ آهي ته اسان جي ميمبرز لالچ ۽ ڏٽن ۾ نه ايندا

شاهه محمود قريشي چيو ته آصف زرداري جي مشورن تي هلندي نواز ليگ اِن حد تي پهتي آهي، اڳتي جي خبر ناهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ حڪمراني سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته پنجاب ۾ ساڍا ٽن سالن واري ڪارڪردگي بهتر لڳندي