ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف سرجاڻِي ٽائون  ٿاڻي جي 15 اهلڪارن کي لينڊ گريبر جي  عيد دعوت ۾ وڃڻ تان معطل ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب  4 کان وڌيڪ پوليس موبائلن ۾ سوار اهي اهلڪار پنهنجون عيد جي موقعي تي لڳل ڊيوٽيون ڇڏي لينڊ مافيا جي اوطاق تي عيد ملڻ پهتا هئا، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ جو ڪراچي پوليس چيف نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي