وڳڻ (رپورٽ: نادر ممتاز ڀنڊ) وڳڻ ويجهو ڳوٺ قبول تيوڻا وٽ انڊس ھاءِ وي ڀرسان زرعي زمين مان نوجوان ناريءَ جو ٻوري بند سڙيل لاش ھٿ ڪيو ويو، زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻن ناري جو لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد وڳڻ پوليس پھچي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي مڪمل طور سڙيل لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جڏھن ته ڊي اين اي ڪرائڻ لاءِ جزا پڻ ورتا ويا، لاش مڪمل طور سڙيل ھئڻ ڪري سڃاڻپ نٿي سگھي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ھٿ آيل لاش نوجوان ناري جو آھي، لاش مڪمل طور سڙيل آھي، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي ، جڏھن ته ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي، پوليس موجب جوابدارن نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ وجھي مٿس ڪيميڪل ھاري باھ ڏني آھي.