ڪراچي ۾ عمارت کي باهه، 3 ڄڻا سڙي فوت

0
133

ڪراچي ۾ عمارت کي باهه لڳڻ جو هڪ ٻيو خوفناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته  2 زخمي سڙيل حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

عائشه منزل ۾ عمارت کي لڳل خوفناڪ باهه تي ضابطي بعد ڪولنگ جو عمل جاري آهي

 انتظاميا جي فائر برگيڊز ۽ پاڪ نيوي جي فائر فائٽرز باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتو

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته گتي جي دڪان ۾ لڳل باهه ڀرپاسي جي دڪانن کانپوءِ پنج ماڙ تائين رهائشي فليٽس کي وڪوڙي وئي

گهڻا ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر نڪري ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن عمارت مان 300 ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ورتو

عمارت ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ دڪان ۽ 450 فليٽ هئا، ريسڪيو ون ون ٽو ٽو چيو آهي ته متاثر عمارت ڪنهن به وقت ڊَهـِي سگهي ٿي، شهرين کي عمارت کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي