نگران وڏي وزير، گورنر ۽ آءِ جي سنڌ 7 ماڙ عمارت کي باهه واقعي جو نوٽيس ورتو آهي

نگران وڏي وزير باهه واقعي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ورتي

ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نگران وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته ڪميٽي باهه جي ڪارڻن ۽ غفلت ۾ ملوث عملدارن جو پتو لڳائيندي، رپورٽ ۾ ذميوارن جو پتو لڳائڻ بعد سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميئر ڪراچي سان فون تي رابطو، عمارت کي لڳل باهه واقعي جا تفصيل ورتا