غير قانوني  ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن: آرمي چيف

0
146
غير قانوني  ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن: آرمي چيف
غير قانوني  ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غير قانوني  ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، اهڙن غيرقانوني پرڏيهين کي باعزت طريقي سان سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو پيو وڃي

 آءِ ايس پي آر موجب  آرمي چيف  جنرل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي، آرمي چيف دهشتگردي  روڪٿام واري ڪاررواين ۾ بهادري جو مظاهرو  ڪندڙ آفيسرز ۽ جوانن سان به ملاقات ڪئي ۽ سندن بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو

 آرمي چيف کي  سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي  خلاف ڪاررواين ۽ غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي سميت نئين ضم ٿيل  ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي  ترقي جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي

آرمي چيف قومي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته قوم کي هٿياربند فوج جي  ڪارڪردگي تي فخر آهي،  پاڪ فوج مادر وطن جي حفاظت جو فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي، ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي

آرمي چيف جو چوڻ هو ته دشمن قوتن جي ناپاڪ ارادن کي جامع حڪمت عملي ذريعي ناڪام بڻايو پيو وڃي، غيرقانوني پرڏيهين جي واپسيءَ جو فيصلو پاڪستان حڪومت جي وسيع  تر مفاد ۾ ڪيو