ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٻيهر آپريشن، متاثرن تي سڌي فائرنگ: 5 زخمي

0
313

ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ ائنٽي انڪروچمينٽ فورس جي ٻيهر ڪارروائي دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

متاثرن الزام هنيو آهي ته آپريشن دوران پوليس به موجود جنهن سڌي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي آهي

ڳوٺاڻن موجب پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ ۾ ٽن عورتن سوڌو 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

پوليس ۽ متاثرن ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي، جڏهن ته پوليس احتجاجي ڪيمپ به پٽي اڇلي ڇڏي آهي

ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سوڌو قومپرست اڳواڻ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ پھتا ۽ رهواسين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو

ايس يو پي جو غازي ڳوٺ ڊاھڻ خلاف سڀاڻي ريلي جو اعلان ڪيو آھي

 ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي به واقعي جي مذمت ڪندي متاثرن کي بي گھر نھ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي