بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي وهڪرن سبب قيامت خيز منظر

0
489

بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن راڱا ڪري ڇڏيا، توبه اچڪزئي، سُئي ڪاريز، ڪوزڪ ٽاپ ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان وسڪاري بعد علائقا ٻڏي ويا

شهدادڪوٽ کان بلوچستان ويندڙ ايم ايٽ قومي شاهراهه بند، دالبندين ڀرسان ٻوڏ جا وهڪرا ريلوي ٽريڪ لوڙهي ويا، جنهن سبب پاڪ – ايران ٽرين سروس معطل ٿي وئي

ڪوئيٽا – زيارت شاهراهه به مختلف هنڌن تي ٻڏي وئي، اهم شاهراهون بند ٿيڻ سبب ڪيترائي مسافر ڦاٿل آهن

ٻئي پاسي وزير اعظم شھباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن جو دورو ڪري تفصيل ورتا آھن ۽ متاثرن جي مدد جو اعلان پڻ ڪيو آھي