منڇر ڍنڍ ٽٽي پوندي: مهاڻن جون وڏي وزير اڳيان آبپاشي کاتي جي نااهليءَ خلاف دانهون

0
215

ڪراچي/ٺٽو: منڇر ڍنڍ جَي مهاڻن وڏي وزير مراد علي شاهه اڳيان آبپاشي کاتي جي نااهليءَ خلاف دانهون ڪيو آهي

منڇر بچايو اتحاد جي چيئرمين مولا بخش ملاح ۽ مقامي مهاڻن وڏي وزير مراد علي شاهه اڳيان دانهيندي چيو ته 2010ع ۾ 118 فُٽ جي سطح تي منڇر ٽٽي پيو هو، هن وقت منڇر ۾ پاڻي جي سطح 116 فُٽ ٿي وئي آهي

هن ٻڌايو ته پويان وڌيڪ پاڻي اچي پيو، خدشو آهي ته ٻيهر منڇر ٽٽي پوندو، منڇر تي نالي ماتر ايمرجنسي لڳل آهي، آبپاشي عملدارن ڪوبه ڪم ناهي ڪيو

ڪاڇي ۾ برسات ۽ نين جي پاڻي جي تباهي سبب متاثرن جي پرگهور نه لهڻ جي به دانهن ڏني وئي

 وڏي وزير مراد علي شاهه عملدارن کي نقصان جي سروي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي