ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل شخص مسجد جي بالڪوني مان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ نيوڪراچي جي خضرا مسجد ۾ 32 سالن جو اياز اعتڪاف ۾ ويٺ هو، صبح جو نماز بعد هو بالڪوني ۾ اچي ويٺو، جتان هيٺ ڪري پيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو.