ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان حيدرآباد سيري روڊ تي تيز رفتار ڪار بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، نيتجي ۾ ڪار سوار قاسم علي، عبدالروف ، جميل احمد ۽ ذيشان احمد سخت زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد اسپتال اماڻيو ويو، جڏهن ته زخمي حيدرآباد جي لطيف آباد 7 واري علائقي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.