مٽياري (رپورٽر) کيبراڻي ٿاڻي جي حد وساڻ بنگلي وٽ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڪار ڪلٽيون کائيندي روڊ ڀرسان ڪري پئي، نتيجي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن کي موٽروي پوليس تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتين کي طبي امداد بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ نجيب، عثمان ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته هڪ فوتي جي امدا خاصخيلي طور سڃاڻپ ٿي آهي ۽ ٻئي فوتي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته اسپتال مان فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف حادثي وقت ضلعي مٽياري جي هيڊ ڪوارٽر واري اسپتال ۾ ايمبولينس موجود نه هئي، هڪ ايمبولينس پهرئين آيل زخمين کي سول اسپتال کڻي وئي، جڏهن ته ٻئي ايمبولينس کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا اسٽارٽ نه ٿي سگهي، جنهن ڪارڻ زخمي ٿيل اسپتال اندر بي يارو مددگار تڙپندا رهيا. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ شاهه ايمبولنس کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ واري خبر نوٽيس ورتو آهي، جنهن بعد ڊي سي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري اسپتال جي ايمبولنس اسٽارٽ نه ٿيڻ ايم ايس جي نااهلي آهي، هن ڊي ايچ او مٽياري کان مامري جي رپورٽ طلب ڪندي، ايم ايس خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي آهي.