ڪراچي: ڪلفٽن واري علائقي مان لاڙڪاڻو واسي نوجوان پُراسرار نموني گُم

0
225

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان لاڙڪاڻو واسي نوجوان پُراسرار نموني گُم، علي جان سرگاڻي جو 3 ڏينهن تائين ڳولا ڪرڻ باوجود ڪوبه پتو نه پيو، نوجوان جي وارن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪلفٽن ۾ هڪ بنگلي تي ٽن مهينن کان ڪم ڪندو هو، 3 ڏينهن اڳ سامان وٺڻ ويو ته واپس نه موٽيو، حد جي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود پوليس نوجوان کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، بنگلي جا مالڪ به ڪا مدد نٿا ڪن، سمورا گهر ڀاتي پريشان آهن، نوجوان جي وارثن طرفان علي جان کي جلد هٿ ڪرڻ جو مطالبو.