شادي تي بنا سڏ وارو سوال پڇڻ جو ياسر پاڻ چيو هو…!

0
352

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڊائريڪٽر نديم بيگ انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪاره اقرا عزيز جي مڙس ۽ ڪاميڊين ياسر حسين پنهنجي شادي تي بنا دعوت جي مهمان اچڻ وارو سوال پڇڻ جو چيو هو، نجي ٽي تي ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ياسر کان پڇيو ويو هو ته پروگرام دوران توهان چاهيندئو ته توهان بابت ڪوئي مزاحيه ڳالهه ڪجي، جنهن تي ياسر چيو ته مون کان سوال ڪجو ته منهنجي شادي بنا دعوت ڪير آيو هو،نديم بيگ جو چوڻ آهي ته اسان کي هي اندازو ئي نه هو ته ياسر حسين ڪنهن جو نالو کڻندو ۽ هن اداڪاره نوشين جو نالو کنيو، واضح رهي ته هلندڙ سال جي فيبروري مهيني ۾ ياسر حسين هڪ پروگرام هن ڳالهه جو انڪشاف ڪيو هو جنهن تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو..