اسرائيلي حملن باوجود خطي ۾ امن لاءِ ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: ترڪ صدر

0
429

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ترڪي جي صدر طيب اردوان چيو آهي ته ترڪي اسرائيلي جي وحشياڻي حملن بعد خطي ۾ امن جي لاءِ ڪا به ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو آهي هت بيت المقدس جي حفاطٽ پوري انسانيت جي ذميواري آهي، اسرائيل جي وحشياڻي حملن تي سياسي مفادن جي ڪري اکيون بند ڪيون ويو پر اسان فلسطينين تي ٿيندڙ اسرائيلي ظلم تي خاموش نه ويهنداسين، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ترڪ صدر فلسطينين تي اسرائيلي بربريت جي شديد مذمت ڪندي چيو هو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عالمي برادري اسرائيل کي سبق سيکاري.