ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ بعد پوليس ۽ رينجرز جو گشت، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ٿيڻ نه ڏنا ويا، پريس ڪلب آڏو  بلوچ عورتن جي جبري گمشدگين خلاف مسنگ پرسنز جي وارثن ۽ بلوچ يجڪهتي ڪاميٽي پاران ڪيل احتجاج دوران پوليس پهچي عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون ٿي پيون، انهي دوران پوليس ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن آمنه بلوچ، دوستين، مهراڻ ۽ سمير بلوچ کي موبائل ۾ وجهي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سندن اڳ ۾ احتجاج رٿيل هو، کين قلم 144 لاڳو ٿيڻ جي خبر نه هئي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته قلم 144 لاڳو ٿيڻ بعد 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ، جلسن جلوس ۽ مظاهرن تي پابندي آهي، انهي باوجود بلوچ اڳواڻ احتجاج ڪرڻ آيا، رات جو کين آزاد ڪيو ويو